| سرجن ڪيئن گڙدن جي پيوندڪاري ڪري سگهي ٿو؟ ڊاڪٽر حياتين سان کيڏي رهيو آهي: سپريم ڪورٽ |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ غيرقانوني طور ڪڊني ٽرانسپلانٽ ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس هاشم ڪاڪڙ جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس هاشم ڪاڪڙ پلاسٽڪ سرجن پاران گردن جي پيوندڪاري ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي نوٽيس جاري ڪيو. ڪيس دوران ڊائريڪٽر ليگل پنجاب عمران احمد ۽ وڪيل صفائي عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد جي سيڪٽر بي 17 ۾ هڪ پلاسٽڪ سرجن کي بنا آپريشن ٿيٽر غيرقانوني ڪڊني ٽرانسپلانٽ ڪندي گرفتار ڪيو ويو، جيڪو اڳ به اهڙن ڪيسن ۾ گرفتار ٿي چڪو آهي. ٻڌڻي دوران جوابدار ڊاڪٽر فواد ممتاز عدالت ۾ پيش نه ٿيو، جڏهن ته سندس وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيو. جسٽس هاشم ڪاڪڙ ريمارڪس ڏنا ته پلاسٽڪ سرجن ڪيئن ڪڊني ٽرانسپلانٽ ڪري سگهي ٿو، اهو انتهائي پيچيده عمل آهي، ڊاڪٽر ماڻهن جون ڪڊنيون غائب ڪري رهيو آهي، خوفِ خدا ڪرڻ گهرجي. اهڙو ڏوهه پهريون ڀيرو ڏٺو آهي ۽ اهڙي شخص کي سخت سزا ملڻ گهرجي. عدالت مريضن جي حالت بابت پڻ پڇاڻو ڪيو، جنهن تي ٻڌايو ويو ته مريض زنده آهن. عدالت نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 23 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.