سرحدن وٽ حملن کانپوءِ صبر جواب ڏئي ويو، افغانستان سان واپار بند ئي رهندو: پاڪستان جو اعلان

سرحدن وٽ حملن کانپوءِ صبر جواب ڏئي ويو، افغانستان سان واپار بند ئي رهندو: پاڪستان جو اعلان

 اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان واضح ڪيو آهي ته پاڪستان واپار جي نالي تي پنهنجي شهرين جون زندگيون خطري ۾ نٿو وجهي سگهي. دهشتگردن جي مدد ختم ٿيڻ تائين افغانستان سان واپار بند رهندو، هفتيوار بريفنگ ۾ ترجمان طاهر اندرابي چيو ته گذريل هفتي پاڪستان جي سرحدي واپاري پوسٽن تي حملن کانپوءِ اسان جو صبر جواب ڏئي ويو آهي، اسان واپار جي نالي تي پاڪستانين جي قتل جو لائسنس جاري نٿا ڪري سگهون. هن چيو ته عالمي ميڊيا ۾ ڇپيل 4 هزار آپگهاتي بمبارن جي تياري بابت رپورٽن پاڪستان جي پراڻي موقف کي تسليم ڪيو آهي ته افغان سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي. چوڻ هو ته توڙي جو واپار جي بندش سان نقصان ٿي رهيو آهي پر انساني جانين جو معاملو اهم آهي، آپگهاتي بمبارن کي ڪڏهن داخلا جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.، پرڏيهي ترجمان چيو ته افغانستان سان سرحد کلڻ ۾ دير جي ذميواري افغان طالبان تي لاڳو ٿئي ٿي ۽ انهن کي پاڪستان ۾ حملا روڪڻ لاءِ سنجيده قدم کڻڻا پوندا، پرڏيهي ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان وٽ افغانسان سان واپار بند ڪرڻ کان علاوه ڪو  آپشن ناهي، افغانستان پاڪستان جي تاجرن ۽ واپار تي حملا ڪيا.