سرحدن کان ماورا دھشتگردي … اعجاز منگي

                 ڪراچيءَ جي اھا ھڪ عام شام ھئي. نه گھڻي گرم ۽ نه جون ۾ ايتري سرد جيتري، برسات کان پوءِ شام ٿي ويندي آھي. جڏھن ته ڪجھ ڏينھن کان وٺي ڪراچيءَ مٿان آسمان مھربان آھي. جون ۾ جھڙالا ڏينھن سولر پينل تي ھلندڙ گھرن لاءِ گھٽ بجلي پيدا ڪرڻ جو سبب ضرور بڻجن ٿا پر ٿڌيون ھوائون موسم کي خوشگوار رکن ٿيون.

                 سو! اھا خوشگوار موسم واري شام ھئي. ڏينھن آچر جو ھو. رستن تي رش گھٽ ھئي. زندگي شھري معمول سان روان دوان ھئي، تڏھن اوچتو سوشل ميڊيا تي مسلسل پوسٽون اچڻ شروع ٿي ويون. اھو شھر وري دھشتگردن جي نشاني تي آيل ھو، جنھن شھر گھڻو وقت بدامنيءَ جي وڏين ڪاررواين جا ڌڪ سھندي گذاريو آھي. ٻوري ۾ بند ملندڙ لاش ته ڪراچي آپريشن ۽ مخصوص ڌر جي حوالي سان اڄ به اسيمبليءَ ۾ بحث جو موضوع بڻجن ٿا پر ڇا اسان وساري سگھون ٿا، اھو دؤر جڏھن فوج، رينجرز ۽ پوليس جا دفتر دھشتگردن جي نشاني تي ھئا. اھو دؤر ھونءَ ته پوري ملڪ لاءِ پيڙا ڀريو ھو پر ڪراچيءَ جھڙي گھڻ لساني ۽ انتظامي حوالي سان بيحد ڪمزور شھر مٿان کي ملڪ جي سياسي فيصلن جي مليل اھا مار تمام گھڻي تڪليف ڀري ھئي. ھڪ وقت ته اھڙو به ھو جو ھن شھر جا رھواسي گھر کان ٻاھر نڪرندي پاڻ کي محفوظ تصور نه ڪندا ھئا، جڏھن ته انھن جا گھر ڀاتي اجاين بھانن سان ڪالون ڪري پنھنجن پيارن جي خير خيريت ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندا ھئا. ظاھر آھي ته جيڪڏھن تحفظ فراھم ڪندڙ ادارن جي دفترن کي نشانو بڻايو وڃي ته پوءِ عدم تحفظ جو احساس پيدا ٿيڻ ڪيترو نه فطري بڻجي وڃي ٿو! گذريل ڏينھن جي شام ھي شھر ڪجھ ڪلاڪن جي لاءِ ان ڪيفيت ۾ ھليو ويو، جنھن کي انگريزيءَ ۾ فرانسيسي لفظ ”دي جاوو“ Deja vu جي معرفت سمجھيو ۽ سمجھايو ويندو آھي.

سو! اھا دي جاوو جھڙي ڪيفيت ان وقت پيدا ٿي پئي، جنھن وقت گلستان جوھر ۽ موسميات جي آس پاس رھندڙ ماڻھن پھرين ڌماڪي جو آواز ٻڌو ۽ پوءِ ڪافي دير تائين گوليون ھلڻ جا آواز شھرين کي ششدر ڪرڻ جو باعث بڻجڻ لڳا. ان وقت شھر جي مختلف علائقن مان ايندڙ ايمبولنسون جڏھن پنھنجي مخصوص سرخ بتي ٻارينديون ۽ سائرن جو آواز پيدا ڪنديون ان طرف ڊوڙڻ لڳيون، جنھن طرف گولين جا آواز اچي رھيا ھئا، تڏھن ھن شھر جا ماڻھو وري پريشانيءَ جي پيڙا کي پنھنجي دل ۽ دماغ مان گذرندو محسوس ڪرڻ لڳا. ھن وقت ته ماڻھن کي گھڻو ڪجھه معمول ٿي چڪو آھي ۽ ملڪي ادارن پاران ڏنل معلومات به منظر عام تي آيل آھي ته اھڙي ماحول ۾ ماڻھن جا اڳ جي ڀيٽ ۾ بيحد سڪونيل آھن پر ڪراچيءَ جي ڳتيل آباديءَ واري علائقي ۾ رينجرز جي دفتر مٿان دھشتگردن جو حملو ڪا معمولي ڳالھ ته نه ھئي. اھو حملو حساس ادارن جي اڳواٽ ڄاڻ نه ھجڻ واري معاملي تي ڌيان ته ڇڪرائي ٿو پر ان سان گڏ ان قسم جون وارداتون ان حقيقت جا ثبوت به فراھم ڪن ٿيون ته ھي شھر امن امان ۽ فول پروف سڪيورٽيءَ جي سلسلي ۾ ان سنڌي پھاڪي سمان آھي، جنھن ۾ نديءَ جي ڀرسان مستيون ڪندڙ معصوم ٻار جو تذڪرو ڪيو ويندو آھي ۽ چيو ويندو آھي ته جيڪڏھن نديءَ ڪناري تي ٻار جو جوڳو خيال نه رکيو ويندو ته پوءِ نقصان کي اتفاق قرار ڏيڻ وارو عمل افسوس جوڳو ھوندو. ڇو ته افسوس جي اظھار جو حق صرف انھن کي ھوندو آھي، جيڪي پنھنجي پاران امن امان جي حوالي سان مڪمل اپاءَ وٺن ۽ جيڪڏھن اھڙن اپائن کان پوءِ به ڪجھه ٿي وڃي ته پوءِ اتفاق جو لفظ پنھنجي استعمال جو حق حاصل ڪري وٺندو آھي.

ڪراچيءَ ۾ رينجرز جي دفتر مٿان ٿيل اھو دھشتگرد حملو جنھن ۾ ٽن رينجرز اھلڪارن جون زندگيون موت جي آغوش ۾ ھليون ويون ۽ حملو ڪندڙ ٽي دھشتگرد به گولين جو کاڄ ٿيا آھن، جڏھن ته ھڪ دھشتگرد جي زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيڻ جون خبرون اچي چڪيون آھن. ھن مھل تائين اھو بھٽ معلوم ٿي چڪو آھي ته ھن حملي جي ذميواري ”جماعت الاحرار“ نالي ان تنظيم قبول ڪئي آھي، جنھن جي متعلق تحريڪ طالبان پاڪستان يعني ٽي ٽي پي جي اڳوڻي ترجمان احسان الله احسان گذريل سال بي بي سي کي انٽريو ڏيندي ٻڌايو ھو ته غير ملڪي ويڙھاڪن مقامي انتھاپسند ڌڙن سان ملي ان تنظيم جو بنياد وڌو ھو. اھا تنظيم ھن مھل جيڪڏھن ڪراچيءَ ۾ ڪارروائي ڪرڻ بعد ان جي ذميواري قبول ڪري رھي آھي ته ان جو مطلب ڪافي گھرائيءَ ڀريو محسوس ٿئي ٿو.

اھو وقت اسان جي سياسي سادگي ۽ شعوري معصوميت وارو ھو، جنھن دؤر ۾ عام خيال اھو ھوندو ھو ته جڏھن افغانستان ۾ طالبان راڄ آيو ته پوءِ پاڪستان ۽ افغانستان ٻن گھرن ۾ رھندڙ اھڙن ڀائرن جھڙا ملڪ بڻجي ويندا، جنھن جو پاڻ ۾ تعلق اھڙو ھوندو، جھڙو سڏ ۽ پڙاڏي جو ھوندو آھي. اھا خوشفھمي ختم ٿيڻ کي ڪافي وقت گذري چڪو آھي ۽ ان وچ ۾ پاڪستان پاران افغانستان ۾ ھوائي حملا ڪري دھشتگرد ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ جون خبرون به ميڊيا جي زينت بڻجي چڪيون آھن. آمريڪا- ايران جنگ سبب پاڪستان جي ميڊيا جو فوڪس آبناءِ ھرمز ۽ تيل پيدا ڪندڙ انھن ملڪن طرف ھليو ويو، جن ۾ موجود فوجي اڏن مٿان ايران جا حملا پوري خطي لاءِ خطري جون سائرن وڄائڻ جو سبب بڻيا. پر اسان کي آمريڪا- ايران جنگ جي خبرن وچ ۾ رکي رکي ان معلومات جا اطلاع به ملندا رھيا ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ تعلقاتن جي نوعيت اھا ناھي، جيڪا پرامن پاڙيسرين ۾ ھوندي آھي.

پاڪستان افغانستان مٿان مسلسل تنقيدون ڪندو رھيو آھي ته ھن جي سرزمين انھن دھشتگردن لاءِ تحفظ جو سبب بڻيل آھي، جيڪي پاڪستان ۾ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي مٿان حملا ڪن ٿا. جڏھن ته افغانستان اھڙن الزامن جي ترديد ڪندو رھيو آھي. پاڪستان جي ھوائي حملن کي منھن نه ڏئي سگھڻ سبب ڪجھ وقت اڳ افغانستان ۽ روس وچ ۾ ھوائي حفاظت جو منصوبو به طئه ٿيو ھو پر ھن وقت جڏھن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيل امن معاھدو آبناءِ ھرمز جي حوالي سان وري ھڪ ٻئي مٿان حملن سبب سوال واري نشان جي دائري ۾ داخل ٿيو آھي، تڏھن ڪراچيءَ ۾ بدامنيءَ جي تازي واردات پاڻ بيان ڪري رھي آھي ته بدامني سرحدن کان ماروا آھي. ھڪ وقت اھڙو به ھو، جڏھن دنيا جي چپن تي عالمي امن جو مطالبو ترنم سان گونجندو ھو پر سرد جنگ کان پوءِ سياست جي مخصوص بوتل مان نڪتل دھشت جو ديو عالمي افق مٿان لامارا ڏئي رھيو آھي.

دنيا کي پڪو پختو ۽ پائدار امن ڪڏھن ملندو؟ اھو سوال سياست ۽ صحافت سان واسطو رکندڙ ماڻھن جي سوچ ۾ ان مھل ويچارن جا سڙھ کولي منزل جو پتو پڇي ٿو، جڏھن آمريڪا جي اھم سيڪريٽري مارڪو روبيو پاران وچ اوڀر جو دورو ڪرڻ بعد ايران کي ان آبناءِ ھرمز تان ھٿ کڻڻ لاءِ چيو ويو، جنھن آبناءِ ھرمز مٿان ايران جو حق 60 ڏينھن کان پوءِ 14 نقطن واري ان معاھدي ۾ به مڃيو ويو آھي، جنھن جا ٽيڪنيڪل پاسا پختا ڪرڻ لاءِ سئٽزرلينڊ جي سياحتي ماڳ تي پاڪستان ۽ قطر جي ٽياڪڙيءَ ۾ ”ليڪ ليوسرن سمٽ“ جو ڪامياب اھتمام ٿي چڪو آھي. ڇا اھا ڳالھه تشويش ۽ تنقيد سان لبريز ٿيل ناھي ته جيڪڏھن آمريڪا جھڙو ملڪ پوري دنيا آڏو ڪيل واعدن جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو ته پوءِ انھن افغان قوتن کي ڪھڙي ميار ڏجي، جن سان پاڪستان قطر جي سرزمين تي امن جي استحڪام جون ڳالھيون ڪري چڪو آھي.

پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ڪنھن به ملڪ جي سرزمين دھشتگرديءَ لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ جي سلسلي ۾ ٿيل ڳالھين جو ڪو صحيح ٿيل معاھدو ته منظرعام تي نه آيو آھي پر زباني يا ڪچي ڪاغذ مٿان ڪيل واعدن جي وفا نه ٿيڻ تي ڪھڙو ماتم ڪجي، جڏھن فرانسيسي صدر سان ويٺي آمريڪا جو صدر ايران سان ان معاھدي تي صحي ڪري ٿو، جنھن معاھدي کي منطقي انجام تي رسائڻ لاءِ ڊگھا ڊائلاگ ڪيا ويا ھئا. اھو معاھدو جنھن مٿان ڪيل صحين جي اڃان صحيح طرح سان مس به نه سڪي آھي ۽ سئٽزرلينڊ ۾ ٿيل سمٽ جون تصويرون ۽ تفصيل اڃان ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻيل آھن ته وري آبناءِ ھرمز جي حوالي سان جنگي باھ ٻرڻ جو خبرون الا اڀارڻ لڳيون آھن. اھڙي صورتحال ۾ عالمي امن جي تمنا ڪيئن ڪجي؟ جڏھن علائقائي امن به پنھنجا پير پختا ٿيل محسوس نه ٿو ڪري.

اردوءَ ٻوليءَ جو ھڪ مشھور شعر آھي ته، ”منھنجو پيغام محبت آھي، جيستائين به پھچي!!“ ان جو شعر جو حاصل مطلب اھو به آھي ته محبت سرحدي بندشن کان ماورا ھوندي آھي. جھڙي طرح ھوا جي جھوٽن ۽ پکين جي ٽولين کي سرحدون روڪي نه ٿيون سگھن، تھڙي طرح محبت کي به مخصوص سرحدن ۾ قيد رکي نه ٿو سگھجي. پر دنيا جھان جون پريم ڪھاڻيون مجبور محبتن جا اھي داستان آھن، جن ۾ دلين وچ ۾ ڪا نه ڪا سرحد رڪاوٽ جو سبب بڻي آھي. اھي سرحدون سماجي به ٿي سگھن ٿيون ۽ اھي سرحدون سياسي به ٿي سگھن ٿيون. جڏھن ته نفرتن کي مخصوص سرحدن تائين محدود رکڻ مشڪل آھي. ۽ اسان کي اھا به خبر ھجڻ گھرجي ته دھشتگردي نفرت جي سڀ کان ڀيانڪ صورت ھوندي آھي. دنيا ۾ امن جو پيغام ڦھلائڻ وارن جي مٿان ته سرحدي پابنديون عائد ٿين ٿيون پر دھشتگرديءَ جي ڦھلاءَ لاءِ سموريون سرحدون نالي ماتر ثابت ٿيون آھن. جيڪڏھن افغانستان جا دھشتگرد سرحدون لتاڙي اچن ٿا ته انھن جو نشانو صرف آس پاس جون پھاڙي واديون ناھن پر ھو ٽن صوبن جا روڊ لتاڙي ۽ ميداني پٽ ڪراس ڪري سنڌ جي ساحلي شھر ڪراچيءَ کي نشانو بڻائين ٿا ۽ ڪراچيءَ ۾ بث انھن جو نشانو اھي ادارا آھن، جيڪي امن امان جي قيام لاءِ وجود ۾ آندا ويا آھن.

دنيا وڏي وقت کان وٺي دھشتگرديءَ جي ڀيانڪ طوفان جي زد ۾ آيل آھي. عوام جي تحفظ لاءِ جوڙيل ادارا ھن مھل تائين عوام کي مڪمل تحفظ فراھم ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيا آھن. جڏھن ته دھشتگردن جا ناڪام حملا به امن جي وجود مٿان زخم جي صورت موجود رھن ٿا. دھشتگرديءَ خلاف دنيا جي پرامن قوتن جو اتفاق ته پراڻو آھي. اصل ڳالھ دھشتگردي خلاف عالمي اتحاد جي آھي. انسانيت دھشتگرديءَ خلاف پرامن قوتن جي اھڙي اتحاد جو انتظار ڪري رھي آھي، جيڪو سرحدن کان ماورا به ھجي ۽ نالي ماتر به نه ھجي!!