سرحد ويجهو مغوي کڻي ويندڙ ڌاڙيلن سان پوليس جو مقابلو: اهلڪار زخمي

جُون 26, 2023

سرحد(ن پ و) سرحد ويجهو مغوي کي کڻي ويندڙ ڌاڙيلن سان پوليس جو مقابلي ۾ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو جڏهن ته هٿياربند مغوي کي کڻي ڪچي ڏانهن فرار ٿي ويا

پوليس موجب ڌاڙيل جهانپور واسي نديم ملهڻ کي اغوا ڪري کڻي وڃي رهيا هئا ته پوليس جو ڌاڙيلن سان مقابلو ٿي پيو،فائرنگ ۾ گولي لڳڻ سبب سرحد ٿاڻي جو ننڍو منشي خالدمهر زخمي ٿي پيو

اطلاع ملڻ تي ڀرپاسي جي ٿاڻن تان پوليس جي نفري پهچي وئي پر ڌاڙيل مغوي کي ڪچي طرف کڻي فرار ٿي ويا جڏهن ته  سرحد ۽ آندل سندراڻي ٿاڻن جي پوليس  ڌاڙيلن پٺيان رواني ٿي وئي آهي

هوڏانهن ڌاڙيلن سان پوليس مقابلي ۾ سرحد ٿاڻي جو ننڍومنشي خالد مهر گولي لڳڻ سبب زخمي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

Leave A Comment