سرحد ويجهو ڌنار اغوا، 3 ڳوٺاڻا به زخمي
جُون 25, 2025
سرحد ( پنهنجي ڊيسڪ )سرحد جي ٿاڻي آندل سندراڻي جي ڪچي واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 3 ڳوٺاڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته جوابدارن هڪ ڌنار کي مبينا اغوا ڪري فرار ٿي ويا، هٿياربندن ڳوٺ نظرمحمد انڍڙ ۾ فائرنگ ڪري بقاءَ محمد، رياض ۽ نور حسن انڍڙ کي زخمي ڪري ڇڏيو، ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته ڀنگوار گينگ جا هٿياربند ٽن ڄڻن کي زخمي ڪرڻ بعد 50کان وڌيڪ مينهون ڦر ڪري هڪ ڌنار کي اغوا ڪري ويا آهن، جڏهن ته واقعي جو پوليس کي اطلاع ڏنو ويو آهي .