| سرحد ويجھو پوليس جو مبينا مقابلو، قمبر واسي نوجوان مارجي ويو |
سرحد (رپورٽ: حاڪم ابڙو) سرحد ٿاڻي جي حد نئون روڊ ڀرسان پوليس جي مبينا مقابلي ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو، پوليس موجب ڳجھي اطلاع تي نئون روڊ واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪئي وئي، ڪارروائي دوران جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني، پوليس جو چوڻ هو ته فائرنگ دوران پنهنجي ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب هڪ جوابدار مارجي ويو، جڏهن ته ٽي جوابدار فرار ٿي ويا، مارجي ويل جوابدار جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، وليس موجب مارجي ويل جوابدار جي سڃاڻپ قمبر ضلعي جي رهواسي عبدالفتاح ولد قاسم بروهي جي نالي سان ڪئي وئي، جوابدار جي قبضي مان پستول هٿ ڪيو ويو.