| سرحد ويجھو ڪچي ۾ پوليس آپريشن، ڊرون حملي ۾ پيرسن مارجي ويو،3 ڄڻا زخمي، احتجاج |
سرحد (ن پ ا) سرحد ڀرسان آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد ڇهون بلاڪ واري علائقي ڳوٺ مُراد سندراڻي ۾ مبينه طور ڊرون حملو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 70 ورهين جو پيرسن باغَل عرف باغ علي سندراڻي مارجي ويو، جڏهن ته بخت علي سندراڻي سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا، ٻئي پاسي سندراڻي برادري جي ماڻهن طرفان سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ دعوى ڪئي وئي آهي ته پوليس سندن گهرن تي ڊرون سان حملو ڪري هڪ بيگناهه بزرگ کي قتل ڪيو ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي زخمي ڪيو آھي، مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڊرون حملي وقت ڳوٺ ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو اسانجا ڪيترائي ماڻهون زخمي ٿي پيا آھن هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ رات اڳ نامعلوم چور پڪي تان مينهون چوري ڪري ڪچي طرف کڻي ويا ۽ پوليس مبينا طور چورن جو پيڇو ڪندي ڳوٺ نور سندراڻي ۽ مراد سندراڻي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن ڪيو، جنهن دوران گهوٽڪي پوليس مبينا طور ڳوٺ مراد سندراڻي ۾ ڊرون ذريعي ٽارگيٽ ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ باغ علي مارجي ويو ۽ سندراڻي برادري جي چڱو مڙس بخت علي سندراڻي سميت لڳ ڀڳ 20 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ بابت به دعوائون ڪيون پيون وڃن. ان سلسلي ۾ ڊي ايس پي گهوٽڪي انور شيخ. ۽ ايس ايڇ او آندل سندراڻي اسلم چاچڙ آندل سندراڻي جي ڪچي ۾ پوليس آپريشن جي تصديق ڪئي آھي. پر باغ علي سندراڻي جي مارجڻ جي ڪا به تصديق ناهي ڪئي وئي.