سرحد ڀرسان مڇي جي تلاءَ تان 2 ڀائر مبينا اغوا، پيرا ڪچي ۾ گم

مَي 12, 2025

سرحد(ن پ ا) سرحد ڀرسان مڇي جي تلاءَ تان ٻه ڀائر مبينا اغوا، وارث پيرو کڻي ويا، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي، خبرموجب سرحد ڀرسان آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد مان ٻه ڀائر هاسيجا مهر واسي جاويد مهر ۽ صدام مهر فيڊر واري علائقي ۾ پنهنجي مڇي جي تلاءَ تي ويل هئا جتان هو واپس نه موٽيا، ٻنهي نوجوانن جي والد علي گل مهر مطابق جاويد ۽ صدام مهر کي تلاءَ تان اغوا ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ٻئي پٽ مڇي جي تلاءَ تي ويل هئا، جتان اغوا ٿي ويا آھن، موٽرسائيڪل تي سوار ماڻهن جو پيرو فارم وٽ مليو آهي، جيڪي ٻنهي ڀائرن کي اغوا ڪري ويا آھن،  ان سلسلي ۾ آندل سندراڻي پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڀائرن جي لاپتا ٿيڻ بعد سندن پيرن جو پتو لڳايو ويو، جيڪي ڪچي واري علائقي شرن جي پاسي ويا آھن، پوليس موجب معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • ڪراچي: نينگر سان بدفعلي، مک جوابدار گرفتار

  • ڪراچي ۾ فائرنگ، عورت قتل

  • پنو عاقل : حادثي دوران زخمي نينگري ايمبولنس نه ملڻ تي فوت

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت