| سرحد ڀرسان ٽرالر موٽرسائيڪل مٿان چڙهي ويو، هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي |
سرحد(ن پ ا) سرحد ٿاڻي جي حد گڻگي اسٽاپ وٽ تيز رفتار ٽرالر موٽرسائيڪل مٿان چڙھي ويو، نتيجي ۾ هڪ نوجوان ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻه ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. حادثي ۾ موٽرسائيڪل سوار رحمت الله لکڻ ٽرالر جي ٽڪر سبب ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ساڻس موٽرسائيڪل تي گڏ ويٺل عامر لکڻ ۽ صابر لکڻ سخت زخمي ٿي پيا. فوتي ۽ زخمين جو تعلق ڳوٺ ڄام محمد علي لکڻ سان ٻڌايو پيو وڃي. اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ مقامي ماڻهو فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي فوتي جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وئي، پوليس موجب ته ٽرالر جي تيز رفتاري سبب حادثو پيش آيو، جڏهن ته ٽرالر ڊرائيور واقعي بعد فرار ٿي ويو، جنهن جي ڳولا جاري آهي. ٻئي طرف فوتي جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ قهرام مچي ويو،