سرخ موسم … 27ھين ترميم جو ‘ميلو’ جمهوري ادارن جو پٽڪو چورائڻ لاءِ آهي؟

                 بظاهر  ن ليگ جي حڪومت 27ھين آئيني ترميم جا بنيادي ست نقطا سامهون آندا آهن. اهي ست نقطا هيٺان آهن:

١. فيلڊ مارشل جو رياست ۾ مستقل عهدو ۽ ان جا فوجي اسٽبلشمينٽ ۾ اختيار/مدو ۽ مقرري جو طريقو

٢. تعليم ۽ آبادي جي ڪنٽرول جي وزارتن کي وفاق کي واپس ڪرڻ.

٣. اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن کي مليل مالي فائدن/ حصي جي تحفظ کي وفاق ڏانهن واپسي.

٤ .هر صوبي کي ٽن صوبن ۾ ورهائڻ.

٥. آئيني عدالتن جو قيام

٦. انتظامي اختيارن ۽ “ايگزيڪيوٽو مئجسٽريٽس” جو نظام بحال ڪرڻ

٧. اليڪشن جي طريقيڪار ،اليڪشن ڪميشن جي مقرري جو نئين سر طريقڪار طئه ڪرڻ.

                 مٿين ستن ترميمن کي گڏي 27 آئيني ترميم جو نالو ڏنو ويو. ان سلسلي ۾ ملڪ جي مختلف پارٽين سان رابطا ڪيا ويا، جن ۾ ايوانن ۽ حڪومت ۾ شامل پارٽين کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. ان سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم 27ھين آئيني ترميم جي مڪمل حمايت ڪندي هر صوبي کي ٽن صوبن ۾ ورهائڻ بابت سنڌ لاء تجويز ڏني ته سنڌ مان سکر ۽ ڪراچي جا الڳ صوبا ٺاهيا وڃن. جڏهن ته پ پ پنهنجي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي جمعي رات واري اجلاس ۾ ستاويهين ترميم جي آرٽيڪل 243 جي مڪمل حمايت ڪندي فيلڊ مارشل جي عهدي، اختیارن ۽ مقرري جي طريقيڪار جي مڪمل حمايت ڪندي آئيني عدالت جي قيام جي مشروط حمايت ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن چئني صوبن جي نمائندگي جي بنياد تي آئيني عدالت ٺاهي وئي ته پ پ ان جي حمايت ڪندي.

آئين جو آرٽيڪل 243(2) ڇا آهي؟

آئين جي آرٽيڪل 243 ۾ ترميم،  جنھن کان پوء فوج جو سپريم ڪمانڊر ڪو سينيئر جنرل ھوندو، فوج سول حڪومتن کان الڳ ۽ خود مختيار ادارو بڻجي ويندو.  صدر ۽ وزيراعظم جو عمل دخل مڪمل طور تي ختم ٿي ويندو.

پاڻ ڄاڻون ٿا ته وفاق جي ن ليگ جي حڪومت پ پ جي حمايت تي بيٺل آهي، ان ڪري اهو چئي سگهون ٿا ته جيسين 27ھين آئيني ترميم جي پ پ حمايت نه ڪندي، تيسين اها ترميم قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ مان پاس نه ٿي سگهندي. پاڻ کي هتي اها ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ارڙهين آئيني ترميم دوران لڳ ڀڳ هڪ سئو آئيني آرٽيڪلز ۾ تبديلي آندي ويئي هئي، جنهن ڪري اهو ممڪن ٿيو ته 73ع جي آئين ۾ موجوده ڪنڪرنٽ لسٽ مان سترنهن کاتا صوبن ڏانهن منتقل ڪيا ويا هئا پر وفاق مٿيان سترنهن کاتا مختلف نالن سان پوءِ به پاڻ وٽ برقرار ئي رکيا. هن وقت ملڪي اسٽيبلشمينٽ صوبن جي اين ايف سي ايوارڊ تحت ملندڙ رقم کي هڙپ ڪرڻ جو پلان جوڙي چڪي آهي. ان سلسلي ۾ ملڪي اسٽيبلشمينٽ جو موقف آهي ته صوبا وفاقي پول ۾ ٽيڪسن جي وصولي مان مقرر رقم فراهم نٿا ڪن ۽ پنجوڻو مٿي مالي ايوارڊ وصول ڪن ٿا، جنهن ڪري وفاق عالمي قرضن جي دٻاءَ مان نه پيو نڪري سگهي. قرضن مان نڪرڻ لاءِ صوبن جي مالي ايوارڊ مان ڪٽوتي ڪري سمورا اختيار وفاق جي حوالي ڪيا وڃن. جڏهن ته حقيقت ۽ سچ اهو آهي ته وفاق وڏي چالاڪي سان صوبن جي حصي جا به پاڻ ٽيڪس وصول ڪري وڃي ٿو؛ جيئن پيٽرول ليوي جي نالي تي وفاق ٽيڪس جي وصولي ڪري ٿو.

منهنجو ذاتي خيال آهي ملڪي اسٽيبلشمنٽ وٽ اها ضرور ڄاڻ هوندي ته حڪومت جي اهم پليئر پ پ 27ھين آئيني ترميم جي ڪهڙن آرٽيڪلز جي حمايت ڪري سگهي ٿي. سو محسوس ائين ٿئي ٿو ته فيلڊ مارشل جي عهدي /مقرري ۽ اختيارن سان گڏ آئيني عدالت اصل حڪمرانن جون اهم ايجنڊائون آهن، جن تي ايوانن ذريعي پيش رفت ۾ کين ڪاميابي ملندي. باقي صوبن جي ورهاست، اين ايف سي ايوارڊ جي ڪٽوتي، تعليم ۽ آبادي جي ڪنٽرول جو کاتو، مئجسٽريٽن جي اختيارن جي واپسي سميت اليڪشن ڪميشن جي جوڙجڪ جا آرٽيڪل بارگيننگ طور پيش ڪيا ويا هئا، جن تي اڳتي  به ملڪي اسٽيبلشمينٽ پيش رفت جاري رکندي. مٿين  صورتحال تي پاڻ چئي سگهون ٿا 27ھين آئيني ترميم جو ميلو ئي فيلڊ مارشل جي عهدي ۽ اختيارن توڙي آئيني عدالت جي قيام لاءِ لڳايو ويو هو. هتي اھا به ڳالهه وسارڻ نه گهرجي ته پ پ جي موجوده موقف پويان سنڌ جي عوام جو دٻاءُ آهي. جيڪڏهن سنڌ جي عوام جو گذريل هفتي کان ردعمل ٿڌو هجي ها ته پ پ ٻن آرٽيڪلز کان به مٿي اڃان ڪجهه ٻين نقطن تي به حمايت ڪري ڇڏي ها.

پ پ اقتدار، اختيار ۽ ملڪي اسٽيبلشمينٽ جي مزاج جو ڏهن ڏهاڪن کان به مٿي تجربو رکي ٿي، سو پ پ ملڪي اسٽيبلشمينٽ جو موڊ ڏسي فيصلا ڪري ٿي. ڪالھوڪو جمعي نماز کانپوءِ پوءِ وارو اجلاس  به ملڪي اسٽيبلشمينٽ سان بارگيننگ لاءِ سڏايو ويو آهي. فيصلا ته رات واري ئي اجلاس ۾ ڪيا ويا هئا. وڌيڪ اڳتي خبر پئجي ويندي ته سنڌ کي پ پ ڇا ڏنو ۽ ڇا پ پ سنڌ کان ڦريو!…