سردارن تي امن خراب ڪرڻ جو الزام:پوليس ڏنڊو گهمائي ساٿ ڏبو:تيغو تيغاڻي

مَي 29, 2023

ڪنڌڪوٽ(رپورٽر)تيغاڻي برادري جي چڱي مڙس تيغو تيغاڻي ڌاڙيلن خلاف فوجي آپريشن جو مطالبو ڪندي سردارن تي امن خراب ڪرڻ جو الزام مڙهيو آهي سندس چوڻ  آهي ته پوليس همت ڪري ڏنڊو گهمائي ته اسان سندس ساٿ ڏينداسين

بک هڙتالي ڪئمپ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مون ته ڪيترائي سال اڳ اهو مطالبو ڪيو هو ته ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ فوجي آپريشن ڪيو وڃي، فوجي آپريشن ئي ضلعي جي امن و امان جي صورتحال کي بحال ڪرائي سگهي ٿو ۽ ڌاڙيلن جو خاتمو يقيني بڻائي سگهي ٿو

هي به پڙهندا

هن جو چوڻ هو ته آئون پنهنجي برادري جي ماڻهن جا ڪن ڇڪي به هنن کي لوفري کان روڪيندو آهيان، منهنجي برادري مون کان ٻاهر ناهي ويندي، ٻين چڱن مڙس کي ۽ هتان جي چونڊيل نمائندن کي به چوان ٿو ته خدارا پنهنجي برادري جي لوفرن کي پوليس حوالي ڪيو ۽ انهن جي سپورٽ ڪرڻ ڇڏي ڏيو

تيغو تيغاڻي چيو ته هتان جي هندو برادري، هتان جا ڪامريڊ، هتان جا مسلمان ڀائر سڀ گڏ آهن

سندس جو چوڻ هو ته ڪجهه سردار نه ٿا چاهين ته هتي امن ٿئي پر اسين هتان جي پوليس کي چئون ٿا ته اسان اوهان سان گڏ آهيون اوهان پنهنجي لٺ گهمايو، اسان هر موڙ تي اوهان جو ساٿ ڏينداسين.

Leave A Comment