سردارن کي سزائون يا آجا؟ ام رباب ڪيس جو اڄ فيصلو: سنڌ جون دادو جي ڪورٽ ۾ نظرون

سردارن کي سزائون يا آجا؟ ام رباب ڪيس جو اڄ فيصلو: سنڌ جون دادو جي ڪورٽ ۾ نظرون

ميھڙ (رپورٽ: عبدالرحمان قمبراڻي) ميھڙ ٽيڻي قتل واري ڪيس جو اڄ 30 مارچ 2026 تي دادو جي ڪورٽ ۾ فيصلو ٻڌايو ويندو،  ٻئي ڌريون انصاف لاءِ پر اميد، هڪٻئي تي عدالت مٿان پريشر وجهڻ جا الزام،  ام رباب چانڊيو جو الزام آهي ته سردار هجوم گڏ ڪري عدالتن تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن، سردار چانڊيو جي ڌر پاران ام رباب تي ڪيس جي فيصلي اچڻ کان اڳ ويڊيو بيان ذريعي عدالتن تي دٻاءُ وجهڻ جا الزام هنيا ويا آهن، 2018ع ۾ پيش آيل واقعي جو ڪهڙو فيصلو ايندو؟ سموري سنڌ جون نظرون دادو ڪورٽ تي آهن، جڏهن ته دادو ۽ قمبر ضلعن ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي. تفصيل موجب ميهڙ ۾ 17 جنوري 2018ع تي ميهڙ جي ڊي ايس پي آفيس ۽ ٻن ٿاڻن کان 100 ميٽر جي مفاصلي تي هٿياربندن حملو ڪري ام رباب چانڊيو جي ڏاڏي يونين ڪائونسل ٻليدائي جي چيئرمين پ پ اڳواڻ ڪرم الله چانڊيو، والد تمندار ڪائونسل جي چيئرمين مختيار چانڊيو ۽ چاچو ضلعي ڪائونسل ميمبر قانون جي شاگرد قابل حسين چانڊيو کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هيو، جڏهن ته حملي دوران حملي آورن مان ھڪ ڄڻو غلام قادر چانڊيو بي موقعي تي ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو ھو. جڏهن ته ٽيڻي قتل واري واقعي جو ڪيس ام رباب چانڊيو جي چاچي پرويز چانڊيو جي مدعيت ۾ ميھڙ ٿاڻي تي پ پ ايم پي اي سردار خان چانڊيو جي بڇ ۽ ايم پي اي برهان خان چانڊيو جي موجودگي ڄاڻائڻ سميت 8 جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو هيو، جن ۾ پ پ ايم پي اي نواب سردار خان چانڊيو،  پ پ  ايم پي اي برهان خان چانڊيو، مرتضيٰ چانڊيو، ذوالفقار چانڊيو، سڪندر چانڊيو، علي گوهر چانڊيو، عبدالستار چانڊيو ۽ ان وقت جو فريدآباد ٿاڻي جو ايس ايڇ او ڪريم علي چانڊيو سميت 8 جوابدارن تي داخل ٿيل آهي، انهن مان 4 جوابدار پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو، برهان چانڊيو ، ستار چانڊيو، اڳوڻو ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو ضمانت تي آزاد آهن جڏهن ته 4 جوابدار جيل ۾ آهن.مقتولن جا وارث انصاف جي اوسيئڙي ۾ 8 سالن کان وڌيڪ عرصو عدالتن جا چڪر ڪاٽيندا رهيا آهن، هن وقت 450 کان مٿي ڪيس جو حاضريون ٿيڻ ۽ واقعي 8 سال مڪمل ٿيڻ کان پوءِ نائين سال جي شروعات ٿيندي ئي دادو جي عدالت فيصلو محفوظ ڪيو ويو جيڪو اڄ 30 مارچ 2026 تي ٻڌايو ويندو، مقتولن جو قتل ڪيس نوشھرو فيروز، دادو، سکر، ميرپور ماٿيلو جي عدالتن ۾ منتقل ٿيندو رھيو، ڪيس بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد،  سکر، سپريم ڪورٽ ۾ به اپيلون ڪيون ويون، سپريم ڪورٽ پاران تڪڙو ڪيس هلائڻ ۽ 3 مهينن ۾ فيصلو ڏيڻ واري هدايتن باوجود ڪيس جو فيصلو 8 سال مڪمل ٿيڻ کان پوءِ واقعي جي نائين سال جي مارچ جي 30 تاريخ تي ٻڌايو پيو وڃي، ڄاڻايل عرصو ام رباب عدالتن ۾ ڪيسن جي پيروي ڪندي رهي، اڄ سيشن ڪورٽ دادو مان فيصلو ٻڌايو ويندو.
 

دردن جو درمان ٿيندو، سردارن کي سزا جو مثال قائم ٿيندو: ام رباب

ميھڙ: ام رباب چانڊيو چيو آھي ته منھنجي بابا، ڏاڏي ۽ چاچي کي تمنداري ڪائونسل جوڙڻ جي الزام تي قتل ڪيو ويو، مان عدالتن مان پراميد آھيان، اسان سمورا دليل ۽ مضبوط ثبوت ڏنا آھن ته سردارن ڪرائي جي قاتلن ذريعي منھنجي والد، ڏاڏا ۽ چاچا کي قتل ڪرايو آھي، ڪرائي جا قاتل جيل ۾ آھن، جن کي سردارن استعمال ڪري منھنجا وارث قتل ڪرايا، سردار حڪومت ۾ آھن اسان مثال قائم ڪرڻ چاھيون ٿا ته وڏيرن سردارن کي به سزا اچي سگھي ٿي، ھن چيو ته مون ته پنھنجن پيارن جا لاش کنيا آھن، الله سائين بيگناھن جو خون ناھي وڃائيندو، عدالتون به قاتلن کي سزا ڏينديون، مان 30 مارچ 2026 تي عدالت ويندس ۽ مان سمجھان ٿي ته اسان جي درد جو درمان ٿيندو، 8 سالن کان عدالتن جو چڪر ڪاٽيندي رھي آھيان، ام رباب چيو ته منھنجي زندگي کي خطرو آھي پر انصاف لاءِ آھي سڀ خطرا کڻي نڪرندي رھي آھيان، مون کي اھا جرئت ڪربلا مان ملي آھي ان ڪري مان ڪنھن به سردار، جاگيردار کان نه پئي ڊڄان، اميد ٿي ڪريان ته عدالتون مون کي انصاف ڏينديون ۽ سردارن کي سزا ضرور ايندي، سر تي ڪفن ٻڌي نڪتا آھيان، جاگيردارن ۽ وڏيرن خلاف ڪيس ھلائڻ سولو ناھي پر ان باوجود مون خطرا کڻي انصاف لاءِ وڙھي آھيان، مونکي عدالت مان انصاف جي پوري اميد آھي.
 

ام رباب فوجي ترجمان سوڌو مختلف سياستدانن سان ملاقاتون ڪيون

ميهڙ: ام رباب چانڊيو واقعي بعد پنھنجي ڪيس ۾ مدد حاصل ڪرڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، فوجي عملدارن سان ملاقاتون ڪيون، ام رباب ان وقت جي جماعت اسلامي سربراھه سراج الحق ، اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل، اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس پي آر آصف غفور ، قومي اسيمبلي ميمبر عالمگير خان، قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجو،  سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي سربراهه سيد زين شاھه، شيعا عالم شھنشاھه نقوي، ان وقت جي ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي قاسم  سوري، وفاقي وزير علي زيدي، شاھ محمود قريشي، ايس ٽي پي سربراھه ڊاڪٽر قادر مگسي، اڳوڻو اسپيڪر الاھي بخش سومرو، اڳوڻو نگران وزير ميان محمد سومرو ، ذولفقار مرزا، اڳوڻي وڏي وزير علي امين گڊاپور ، اڳوڻو صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي، اڳوڻو گھرو وزير سھيل انور سيال، پي ٽي آءِ اڳواڻ ذلفي بخاري سان ملاقاتون ڪيون هيون. جڏهن ته  ام رباب چانڊيو کي پي ٽي آءِ مخصوص سيٽ ڏيڻ جي آڇ ڪئي ھئي جيڪا ام رباب ھلندڙ ڪيس سبب نه ورتي ھئي.هوڏانهن ام رباب چانڊيو ھڪ وڌيڪ پنهنجي جاري ڪيل ويڊيو بيان ۾  چيو آهي ته مان 6 سال اڳ سردارن جاگيردارن لاءِ ظالم قاتل جا لفظ استعمال ڪيا هيا ۽ چيو هيو ته مان باغي آهيان، مون سان ڪير به نه بيهي ته به توهان کي وائکو ڪندس، اڄ شڪر آهي جون مون سان سنڌ جو شعور گڏ آهي، اڄ اسان عوام آڏو سرخرو ٿي چڪا آهيون، هنن سردارن کي سزا ڏئي  مثال قائم ڪيو ويندو، مان سنڌ جي شعور جي شڪر گذار آهيان جنهن هر قسم جي سپورٽ ڪئي آهي، سنڌ جو شعور يقينن فتحياب ٿيندو.
 

سرخرو ٿينداسين، ام رباب وارن جو ڪردار سڀ ڄاڻن ٿا: سردار/برهان چانڊيو
 

ميهڙ: ام رباب چانڊيو جي والدين جي قتل ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل پ پ ايم پي اي سردار خان چانڊيو، ايم پي اي برهان چانڊيو چيو آهي ته اسان عدالتن ۾ به چوندا رهيا آهيون ته اسان تي غلط الزام آهن، ام رباب چانڊيو جي وارثن جو پنهنجي ئي عزيزن مرتضيٰ چانڊيو وارن سان پراڻو خوني تڪرار هلندڙ هيو جنهن تان ڌرين ۾ واقعو پيش آيو،  اسان مسلسل عدالتن کي منهن ڏنو آهي، سڀني کي خبر آهي ته ام رباب چانڊيو وارن جو ڪردار ڪهڙو آهي، اسان بيگناهه آهيون، اسان جو هن واقعي سان تعلق ناهي ۽ اسان پاران ڪو به دٻاءُ يا ڪنھن کي هراسان نه ڪيو ويو آھي ۽ نه وري اسان ڪنھن کي دادو عدالت پھچڻ جو چيو آھي اسان ڪيترن ئي سالن کان عدالت ۾ ايندا رھيا آھيون، اسان کي عدالتن مان انصاف جي پوري اميد آھي، سردار چانڊيو چيو آھي ته دادو جي عدالت ۾ فيصلي بعد ئي ڪو لائحه عمل جوڙيو ويندو، فيصلو ڪھڙي به ڌر جي خلاف آيو ته اها ڌر ھاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ وڃي سگھي ٿي، هن چيو ته سيڪيورٽي ھاءِ الرٽ رکڻ انتظاميا جو ڪم آھي، اسان پرامن آھيون ۽ پرامن طريقي سان دادو ڪورٽ ۾ پھچنداسين، اسان کي اميد آھي ته دادو ڪورٽ مان سرخرو ٿي نڪرنداسين.
 

پير اگهاڙا، هٿن ۾ رت جا ڏيئا ۽ آئينو: ام رباب جي 9 سال جدوجهد

ميهڙ: ميهڙ واقعي بعد ميهڙ ۾ سول سوسائٽي پاران احتجاج جو سلسلو شروع ٿي ويو هيو ميهڙ سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سول سوسائٽي پاران احتجاج ڪري واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري جي گهر ڪئي وئي ھئي، ميهڙ ۾ سول سوسائٽي جي مک اڳواڻن پاران لڳايل احتجاجي ڌرڻي دوران ناميارن اديبن، شاعرن، صحافين، فنڪارن ، وڪيلن جي احتجاج بعد سرڪار تحرڪ ۾ آئي، جڏهن ته ام رباب چانڊيو پاران ڪراچي ۾ ان وقت جي چيف جسٽس ثاقب نثار جي گاڏي اڳيان اچي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج بعد سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس پڻ نوٽيس ورتو هيو، ام رباب چانڊيو وقتن به وقتن انوکا احتجاج پڻ ڪيا، جنھن ۾ پيرين اگھاڙي عدالت پھتي، عدالتن اندر سجدا ڪيا، ھٿن ۾ رت جا ڏيئا ٻاري کنيا ھئا.
 

جاچ ڪميٽي جي رپورٽ رد ٿي، برهان چانڊيو جو نالو ٻيهر ڪيس ۾ شامل ٿيو
 

ميهڙ: واقعي بعد ان وقت جي ڊي آءِ جي سيد پير محمد شاهه جي اڳواڻي ۾ جاچ ڪاميٽي جوڙي وئي هئي جنهن جاچ بعد برهان چانڊيو جو ڪيس مان نالو خارج ڪرڻ ۽ ان وقت فريدآباد ٿاڻي جي ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو کي سهولتڪار هجڻ بابت جاچ رپورٽ ڏني هئي بعد ۾ جاچ رپورٽ تي عدالتي درخواست بعد ايم پي اي برهان چانڊيو جي نالو ٻيهر ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو هيو.
 

سپريم ڪورٽ آءِ جي سنڌ کي طلب ڪيو جنهن بعد 3 جوابدار گرفتار ٿيا هئا
 

ميهڙ: ميهڙ واقعي ۾ ملوث مک جوابدارن مرتضيٰ چانڊيو، ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري لاءِ احتجاج ۽ عدالتن پاران گرفتاري نه ٿيڻ کان پوءِ سپريم ڪورٽ پاران جوابدارن جي گرفتار نه ٿيڻ ۽ آءِ جي سنڌ جي طلبي کانپوءِ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سپريم ڪورٽ جي هدايتن تي آءِ جي سنڌ پاران ميهڙ ۾ ڪئمپ قائم ڪئي وئي هئي، پوليس ۽ رينجرز جي ڪاڇي واري علائقي ۾ سرچ آپريشن بعد بلوچستان فرار ٿيندي جوبدارن کي ڪشمور ضلعي مان گرفتار ڪيو ويو هيو.
 

دادو ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ: قلم 144 لاڳو، ام رباب جي گهر ٻاهران چيڪ پوسٽ قائم
 

ميهڙ: عدالت پاران آءِ جي سنڌ کي ليٽر لکي سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جي ھدايت ڪئي ھئي جنھن بعد دادو ۽ قمبر ضلعي جي پوليس پاران ٻنھي ضلعن ۾ سيڪيورٽي پلان جاري ڪيو ويو آهي، ٻنھي ضلعن ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ رهندي، سنيپ چيڪنگ ڪئي ويندي، سيڪيورٽي جي حوالي سان دادو پوليس پاران پڻ مڪمل پلان جوڙيو ويو آھي، جنھن ۾ 6 ڊي ايس پي 33 ايس ايچ او 69 اي ايس آءِ 390 پوليس  اهلڪار 41 ليڊيز پوليس اهڪار سميت 539 پوليس عملدارن کي مقرر ڪيو ويو آهي. 30 پوليس موبائيل، 20 موٽر سائيڪل دستا مقرر ڪيا ويا آهن، دادو شهر ڪورٽ ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستن تي پوليس اهلڪارن جي ڊيوٽي لڳائي وئي آهي، ميهڙ شهر ام رباب چانڊيو جي گھر ميهڙ انڊس هاءِ وي تي عارضي چيڪ پوسٽ قائم ڪيون ويون آھن، عدالت ڏانهن رڳو لاڳاپيل ماڻهن کي ڇڏيو ويندو ، هٿيار کڻي اچڻ تي پابندي هوندي، 144 قلم لاڳو هوندو، 5 کان وڌيڪ ماڻهو گڏ ٿيڻ تي پابندي هوندي، ڪو به صحافي يا ڪئميرا مين ڪورٽ حد اندر داخل نه ٿي سگهندو. ڪنھن به اڻ وڻندڙ واقعي کي منھن ڏيڻ لاءِ پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارا الرٽ ھوندا ڀڃڪڙي ڪندڙن کي سختي سان منھن ڏنو ويندو.
 

سپريم ڪورٽ پاران 3 مهينن جي هدايت باوجود فيصلي ۾ 8 سال لڳي ويا
 

ميهڙ: سپريم ڪورٽ پاران تڪڙو ڪيس هلائڻ ۽ 3 مهينن ۾ فيصلو ڏيڻ واري هدايتن باوجود ڪيس جو فيصلو 8 سال مڪمل ٿيڻ کان پوءِ واقعي جي نائين سال جي مارچ جي 30 تاريخ تي ٻڌايو پيو وڃي، ام رباب چانڊيو جي والد، ڏاڏي ۽ چاچي جو قتل ڪيس ھن وقت سيشن ڪورٽ دادو ۾ ھلي رھيو آھي جتي قتل ڪيس ۾ ڏيکاريل شاھد  مشيرن ۽ ٻين جا بيان قلمبند ڪيا ويا آھن ڪيس ۾ ڏيکاريل، شاهدن، مشيرن، ڊاڪٽرن، پوليس آفيسرن جون شاهديون قلمبند ڪيون ويون ۽ ڪيس مڪمل ٿيڻ کان پوءِ فيصلي تي پھتو آھي.