تازا ترين
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو جوابدارگهٽي مان گذرڻ تان نينگر کي ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو *ڳوٺ حيات اڄڻ واسي زخمي شڪيل پٽ شمن اڄڻ کي پير جو ڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو *ڪٽار اڄڻ، بشير اڄڻ، مومن اڄڻ ۽ ٻين شڪيل تي بيگناهه ڪهاڙين سان حملو ڪيو: وارث*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايف ايٽ ڪچهري حملو ڪيس *دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ بابت درخواست تي لکت ۾ حڪم نامو جاري *چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله حڪم نامو لکيو *دهشتگردي جي خاتمي واري قانون 1997تحت ٻئي عدالت کي اختيار ڏئي سگهجن ٿا: حڪم نامو* عدالت ڊپٽي جنرل کي 7ڊسمبر تائين آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ڪورونا وگهي 2 عورتون فوت *ڪوٽڙي واسڻ مسمات عائشه ۽ مٽياري واسڻ مسمات امير زادي جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا*
  • *ھمايون شريف ويجهو موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، پيرسن فوت، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو *قومي شاهراهه تي حادثي ۾ ڳوٺ محراب بکراڻي واسي 50 ورهين جو عبدالجبار بکراڻي فوت ٿي ويو *حادثي ۾ شڪارپور واسي غلام حسين ڀٽو زخمي ٿي پيو، اسپتال منتقل*
  • *ڀٽ شاهه ۾ نامعلوم هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو،سندس امڙ زخمي *هٿياربندن جي حملي ۾ نوجوان سليم مارجي ويو،سندس امڙ منل خاتون زخمي ٿي پئي *مقتول نوجوان جو لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*

سرداري نظام نامنظور: سوشل ميڊيا تي مهم

عوام سرداري نظام کي سوشل ميڊيا تي ردڪري ڇڏيو، سوشل ميڊيا تي سردار نظام جي حوالي سان ردعمل ڏيندي چيو ويو ته سنڌ ۾ سرداري نظام نه هجڻ گهرجي، ان حوالي سان شبير ڀٽي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سردار نظام رياست اندر رياست آهي ڇا سنڌ ۾ اهڙو نظام موجود هجڻ گهرجي؟ جنهن تي لياقت علي جماري، شفيع محمد ميمڻ، ارشد آزاد، خيرمحمد جمالي، ياسر جکرو، شرف الدين خشڪ، حسين زنئور، رياض احمد، اختر ملڪ، جنم لاکٽيو، قربان سولنگي، مجيب الرحمان جانوري، رحمت الله ماڃوٺي، علي پنهور، جاويد زنئور لکيو ته سنڌ ۾ سرداري نظام منظور ناهي، سرداري نظام، جاگيرداري ۽ وڏيرا شاهي کي رد ڪريون ٿا، جادم جکرولکيو ته انھيءَ سرداري نظام ئي سنڌ کي نقصان پهچايو آهي سردار پنھنجيون من مستيون ڪندا آھن، تنھنڪري رياست ۾ عوامي سرڪار ھجي ۽ قانون جي بالادستي ھجي جنھن ۾ امير ۽ غريب جو فرق نه ھجي، قانون مڙني لاءِ ھڪجھڙو ھجي ۽ قانوني ادارن ۾ سياسي ھٿ چراند نه ھئڻ گھرجي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *