سردار شاهه جو چئلينج قبول، اچو مناظرو ڪريون: لال مالهي

سردار شاهه جو چئلينج قبول، اچو مناظرو ڪريون: لال مالهي

عمرڪوٽ (رپورٽر) سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاھه پاران مخالفن کي مذاڪرو ڪرڻ وارو چئلنج تحريڪ انصاف اڳواڻ لال مالهي قبولي ورتو،  پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ايم اين اي لال مالھي پنهنجي بيان ۾ چيو ته صرف عمرڪوٽ ضلعو نه، پر سڄي سنڌ پ پ جي بدترين حڪمراني، ڪرپشن، نااهلي، بيحسي، اقربا پروري، بدانتظامي، سياسي مداخلت، ميرٽ جي قتل ۽ وسيلن جي بي رحماڻي غلط استعمال سبب سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهي آهي. هن چيو ته پيئڻ جي صاف پاڻي جي شديد کوٽ، صحت جي نظام جي تباهي، تعليمي ادارن جي زبون حالي، روڊن ۽ بنيادي ڍانچي جي انتهائي خراب صورتحال، بدامني واضح ثبوت آهن. هن چيو ته مان چئلنج قبول ڪريان ٿو، سردار شاهه عوام آڏو مذاڪرو ڪري، ان سان نه رڳو حڪومتي ڪارڪردگي سامهون ايندي پر مسئلن جي حل لاءِ سنجيده شروعات به ٿيندي، سنڌ جو عوام هاڻي رڳو واعدن، اعلانن ۽ بيانن سان مطمئن ٿيڻ لاءِ تيار ناهي، عملي نتيجا ڏسڻ چاهي ٿو. لال مالھي وڌيڪ چيو ته سردار شاھه پنهنجي مذاڪري واري چئلنج تي عمل ڪري، سمورين سياسي سماجي ڌرين کي به شريڪ ڪيو وڃي. واضح رهي ته تعليم واري وزير سردار شاهه چيو هو ته مون تي تنقيد ڪندڙن جي عمر به ايتري ھوندي جيتري فيس بوڪ جي ھڪ پوسٽ جي عمر ھوندي آھي، مخالفت ڪندڙ سامھون اچي روبرو ڳالھائين ھر ڳالھه ۾ چئلنج ڪيان ٿو.