محمد بخش مهر، اڪرام ڌاريجو، ڄام مهتاب ، خالد لنڊ سميت گهوٽڪي جي اڳوڻن چونڊيل نمائندن ۽ سياسي شخصيتن جي سيڪيورٽي واپس

سيپٽمبر 23, 2023

گهوٽڪي(رپورٽر) ايس ايس پي گهوٽڪي ضلعي جي اڳوڻن چونڊيل نمائندن ۽ سياسي ماڻهن کي مليل سيڪيورٽي واپس وٺي ڇڏي آهي

ايس ايس پي منير کهڙو سياسي اڳواڻن کي سيڪيورٽي لاءِ ڏنل 38 اهلڪارن کي واپس گهرائي ورتو، سندن واپسي جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي

نوتيفڪيشن موجب مهر سردار ۽ اڳوڻي ايم اين اي سردار محمد بخش مهر کي مليل 12 پوليس اهلڪار واپس گهرايا ويا آهن جڏهن ته اڳوڻي ايم پي اي ڄام اڪرام الله ڌاريجو کي مليل 6 پوليس اهلڪار به واپس ٿي ويا

ڄام مهتاب ڏهر، خالد احمد لنڊ، بابر لنڊ، امتياز شيخ ۽ اڳوڻي ايم پي اي ممتاز علي چانگ کي مليل پوليس اهلڪارن کي به واپس گهرايو ويو آهي

پيپلزپارٽي پنجاب سان تعلق رکندڙ اڳوڻي ايم پي اي ممتاز چانگ کي گهوٽڪي پوليس جا 7 اهلڪار سيڪيورٽي لاءِ ڏنا ويا هئا

Leave A Comment