| سرفراز احمد پاڪستان انڊر 19 ٽيم جو مئنيجر ۽ مينٽور مقرر |
لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد کي پاڪستان انڊر 19 ٽيم جو مئنيجر ۽ مينٽور مقرر ڪيو ويو آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اي سي سي انڊر 19 ورلڊ ڪپ لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو جنهن ۾ سرفراز احمد ٽيم سان گڏ سفر ڪندو.انڊر 19 ايشيا ڪپ 12 کان 21 ڊسمبر تائين دبئي ۾ شيڊيول آهي جنهن ۾ فرحان يوسف ٽيم جي قيادت ڪندو، جڏهن ته عثمان خان سندس نائب جون ذميواريون نڀائيندو.ٽيم جي ٻين رانديگرن ۾ عبدالسبحان، احمد حسين، علي حسن بلوچ، علي رضا، دانيال علي خان، حمزا ظهور ۽ حذيفه احسن شامل آهن.ان کانسواءِ مومن قمر، محمد حذيفه، محمد صيام، محمد شايان، نقاب شفيق، سمير منهاس به اسڪواڊ جو حصو آهن.