| سرفراز بگٽي کي هٽائڻ واريون ڳالهيون بي بنياد آهن: اياز صادق |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسپيڪر قومي اسيمبلي سردار اياز صادق سان بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز احمد بگٽي پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ بلوچستان جي سياسي، سماجي ۽ ترقياتي صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو ته بلوچستان جو وڏي وزير سرفراز بگٽي کي تبديل ڪرڻ جون ڳالهيون بي بنياد آهن، بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اتحادي حڪومت پنهنجو ڀرپور ڪردار جاري رکندي. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز احمد بگٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي جي قيادت ۽ پارلياماني خدمتن جي تعريف ڪئي. سرفراز احمد بگٽي چيو ته بلوچستان جي عوام ۽ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي خلاف سرگرم آهن، پارليامينٽ صوبن جي مضبوط آواز آهي.