سرفراز کي غازي غوري کي نه کيڏائڻ تان ڪوچنگ تان هٽايو ويو؟ ڇرڪائيندڙ انڪشاف

سرفراز کي غازي غوري کي نه کيڏائڻ تان ڪوچنگ تان هٽايو ويو؟ ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) قومي ٽيسٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ سرفراز احمد کي اوچتو ڪوچنگ تان هٽائڻ بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون اچي ويو آهي.مشهور اسپورٽس صحافي عبدالماجد ڀٽي موجب ڪيترن ئي صحافين اها ڄاڻڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي ته رانديگرن سميت سرفراز احمد ۽ عمر گل کي واپس ڇو موڪليو ويو.هن انڪشاف ڪيو ته سرفراز احمد کي عاقب جاويد طرفان هڪ پيغام موڪليو ويو ته لارڊز ٽيسٽ ۾ عبيد شاهه يا عامر جمال مان ڪنهن هڪ کي لازمي کيڏائڻو آهي، جڏهن ته محمد رضوان کي ڊراپ ڪري غازي غوري کي ڊيبيو ڪرايو وڃي.ماجد ڀٽي موجب ان پيغام بابت سرفراز احمد ڪپتان بابر اعظم سان ڳالهه ڪئي ته هن صاف لفظن ۾ جواب ڏنو ته مان محمد رضوان ۽ خرم شهزاد سان گڏ ئي ميدان ۾ لهندس.هن وڌيڪ چيو ته رڳو ان ڳالهه تي ناراضگي پيدا ٿي ۽ لارڊز ٽيسٽ کانپوءِ سرفراز احمد کي ڪوچنگ تان هٽايو ويو.