Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_49do0uh2dvpnrovf6cdnhnof97, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سرمائيداري جو وجود ۽ مسقبل ۾ ان جا نقصان ... ڊيوڊ ويلسن ويلز / طفيل مگسي - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سرمائيداري جو وجود ۽ مسقبل ۾ ان جا نقصان ... ڊيوڊ ويلسن ويلز / طفيل مگسي - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

سرمائيداري جو وجود ۽ مسقبل ۾ ان جا نقصان … ڊيوڊ ويلسن ويلز / طفيل مگسي

عظيم نفعي بخش سرمائيداري ۽ سرحد جنگ جي وچ ۾ سڄي دنيا ۾ نيولبرل ازم جي وڏي ڏيڏرن واري ٽران ٽران  ٻڌڻ ۾ ايندي رهي آھي ته معاشي ترقي اسان کي هر شيءَ کان محفوظ ڪندي ۽ گڏ ئي مستقبل کي سنواري ڇڏيندي پر 2008ع جي معاشي بحران کانپوءِ اهڙن مورخن جي انگ ۾ واڌارو ٿيو ته جيڪي اصطلاح“  Fossil capitelism   “ يعني قدرتي ٻارڻ واري سرمائيداري تي ڳالهھ ناهن ڪري رهيا، انهن جو يقين آھي ته تيز رفتار معاشي ترقي جا سبب ايجادون، واپار يا عالمي سرمائيداري ناهي بلڪ “  قدرتي ٻارڻ  “جي دريافت آھي.جنهن جي شروعات ارڙھين صدي ۾ ٿي قدرتي ٻارڻ کان اڳ ڪنهن فرد جي زندگي پيءُ ماءُ يا انهن والدين جي زندگي کان ڪجهھ بهتر يا مختلف نه هئي پنج سو سال انساني حالتون بلڪل هڪجهڙيون هيون.اهي دانشور چون ٿا ته جڏھن اسان سمورو ٻارڻ ساڙي ڇڏينداسين تڏھن به شايد اسان مثبت روش ڏانهن موٽي وينداسين اهو سڀ ڪجهھ “بدلجندڙ موسم“جي سبب ٿيندو. موسمي شدت يا تيزي جا معشيت تي اثر سڀ کان وڌيڪ دلچسپ تحقيق Hsiang “۽ انهن جي ساٿين طرف کان سامهون آئي جيڪي  Fossil capitalisجا مورخ ناهن پر هڪ نهايت ئي منفرد تجزيو پيش ڪن ٿاگرمي جو هر سيلسٽس ڊگري جي ڊي پي جي 2-1 سيڪڙو تي اثر انداز ٿيئي ٿي.اها ڪافي ڇرڪائيندڙ ڳالهھ آھي، اها تحقيق چئي ٿي ته هلندڙ صدي جي آخر تائين معاشي نقصان جي اها شرح پرڪيپيٽاتيئس سيڪڙو تائين هلي ويندي جيڪو نتيجو هوندو زراعت جي بگڙجندڙ حالتن جو ڏوھن جو ۽ بي انتها مشقت جو پر ٻيون حقيقتون به اڃان سخت ٿي سگهن ٿيون ان ڳالھه جو 12 سيڪڙو امڪان آھي ته سن 1200ع تائين موسمي تبديلي عالمي پيداوار کي 50سيڪڙو تائين گهٽائي ڇڏي اهي محقق چون ٿا ته صدي جي آخر تائين معاشي نقصان يا زوال 8 ڀيرا وڌي سگهي ٿو. انهي معاشي تباهي جي عقل يا سمجهھ نهايت مشڪل آھي پر اوهان هن تصور کان ان جي شروعات ڪري سگهو ٿا ته عالمي معشيت جو   volume_surface_Area اڻپورو رهجي ويندو هر شي اڌ  تي اچي ويندي ۽ محنت ڪشن جي لاءِ اڄ جي آمدني جو اڌ باقي رهجي ويندو، سموري ڪائنات ڪاروباري شماريات ڪنهن به حل لاءِ محض بيڪار بڻجي ڪري رهجي ويندي نيويارڪ کان لنڊن جو رائونڊ ٽرپ آرڪٽڪ جي سفر واري قيمت تي ممڪن ٿي ويندو يا سگهندو.
زهريلا سمنڊ
سمنڊ قاتل بڻجي ويندا ڪاربان جي گهڻائي ۾ انقلابي کوٽ به سمنڊن جي سطح کي 4 فوٽ بلندي تائين وٺي وڃڻ کان نه روڪي سگهندي هلندڙ صدي جي آخر تائين اها بلندي 10فوٽن تائين هلي ويندي دنيا جو اٽڪل اڌ حصو يعني وڏا شھر سامونڊي ڪنارن تي رهن ٿا.انهن جي پاور پلانٽس .بندرگاهن .بحري اڏن ۽ فشريز وغيره جو ذڪر ئي ڪهڙو يعني ستم.مٿان ستم اهو آھي ته اڄ گهٽ ۾ گهٽ 60ڪروڙ انسان سمنڊ کان محض 10 ڪلوميٽرن جي مفاصلي  تي آھن.انهن شھرن جي ٻڏڻ جي به شروعات ٿيندي هن وقت دنيا جو اڌ کان وڌيڪ ڪاربان سمنڊ ۾ جذب ٿي چڪو آھي جيڪڏھن ائين نه ٿئي ها ته نه ڄاڻ هن وقت خشڪي تي حدت جي ڪهڙي شرح ھجي ها پران جو نتيجو به سامونڊي تيزابيت“  ocean  acidification  “ جي خوفناڪ خطرناڪ صورت ۾ نڪتو آھي اها تيزابيت هنڌين هنڌ سامونڊي ذخيرن کي ساڙي رهي آھي.جيڪي ذخيرا سامونڊي حيات جي وڏي حصي جي پرورش ڪن ٿا ۽ اڌ ارب انسانن جي لاءِ خوراڪ ميسر ڪن ٿا سائنسدان ان باري ۾ يقين نٿا ڪن ته اها تيزاب ٿيل سامونڊي خوراڪ انساني زندگي لاءِ ڪنهن قدر نقصانڪار آھي ڪاربان جي ڪشش يا ڇڪ هڪ اهڙو مسلسل رد عمل ڪري سگهي ٿي
“فنا“ڏانهن وک
اسان اهو سڀ ڪجهھ ڇو نٿا ڏسي سگهون ؟ڊگهي شدت مضمون“  The Great Derangement  “۾ ڀارتي ناول نگار اميتا گوش ھن ڳالھه تي حيران ٿئي ٿو ته عالمي حدت ۽ قدرتي تباهه ڪاري هينئر تائين موجوده ادب جوڇو مرڪز ناهي بڻجي سگهي؟ اسان ڇو موسمي تباهي جي خيال ڪرڻ جا قائل ناهيون ٿي سگهيا؟ هينئر تائين ان موضوع تي ناولن جي قطار لڳي وڃي ها اهو ان ڪري ناهي ته ان ڏانهن اسان ڪو ڌيان ئي ڏيڻ نٿا چاهيون ۽ معاشر تي مقدر تي نظر رکڻ نٿا چاهيون يقين ڪيو ته اهو انڌو عقيدو گهڻي عرصي تائين نه هلي سگهندو ڇاڪاڻ ته اها دنيا جنهن منجهه اسان مسقبل گهارڻ چاهيون ٿا هن ڳالهھ جي اجازت نه ڏيندي ته 6درجا واڌو گرمي سان گڏ دنيا قدرتي تباھه ڪارين جي وڪڙ ۾ اچي ويندي اها اهڙي صورتحال هوندي ته جنهن کي اسان شروعات ۾ معمول جو “موسم “ سڏينداسين طوفان جو مسلسل رهڻ برساتن۽ ٻوڏن جو سلسلو ڏڪار جو سلسلو ۽ اهڙا ڪيترائي اڻڄاڻ موسمي اثر جن بابت وقت کان اڳ يقينن ڪجهھ چوڻ ممڪن ناهي طاقتور سامونڊي طوفان اڪثر ايندا ۽ اسان کي انهن جون نيون ڪيٽيگريز ٺاھڻيون پونديون.
اهي سائنسدان جيڪي بدليل موسم کان خبردار ڪن ٿا انهن منجهان ڪجهھ اڃان به زندهه آھن.مثال ويلي پروٽيڪر يقين رکن ٿا ته محض ڪاربان جي مقرر وقت جي کوٽ سان تباهي ممڪن ناهي ڪاربان کي پڪڙڻو carban capture  پوندو يعني فضا کان ڪاربان کي خارج يا الڳ ڪرڻو پوندو ڪا اهڙي ٽيڪنالوجي گهربل آھي جيڪا اهو ڪم ڪري سگهي جيل بوئيڪر جي خيال ۾ ڪيترن کرب ڊالرن جي سرمائيڪاري سان شايد ممڪن ٿئي ۽ ان لاءِ“جيئو انجنيئرنگ“ ۾ اعليٰ قابليتن جي ضرورت هوندي جڏھن ته اهي ڳالهيون في الحال ماحولياتي ماهرن لاءِ خواب ۽ سائنس فنڪشن کان وڌيڪ ناهن ويلي بروئيڪر  aerosolطبعي ڪيميا تي تمام گهڻو زور ڏئي ٿو هن جو خيال آھي ته فضا ۾ سلفر ڊائي آڪسائيڊ جي پکيڙ فائديمند ٿي سگهي ٿي جيمس بينسن هڪ ٻيو اهم نالو آھي هو يونيورسٽي آف آئيوا جي ماحوليات جو ماهر هوان موسمي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ“زيرو ماڊل“ جو تعارف ڪرايو هو ۽ بعد ۾ کيس ناسا ۾ موسم جي تحقيق جو اڳواڻ بڻايو ويوهو پر جڏھن هن وفاقي حڪومت خلاف “بي عملي“ تي قانوني ويڙھه ڪئي ته هن تي شديد دٻاءُ وڌو ويو ان دوران هن کي ڪافي ڀيرا گرفتار پڻ ڪري جيل موڪليو ويو جيمس بينسن جي تحقيق چئي ٿي ته زهره سياري تي به پهرين زمين جهڙي ماحولياتي صورتحال هئي.زندگي سان ڀرپور پاڻي جو جهجهو مقدار هتي موجود هو پربدلجندڙ موسم تيزي سان ان کي بيڪار بڻائي ڇڏيو.هتان جي فضا ۾ ھڪ اهڙي گئس پکڙجي وئي ته زندگي ممڪن نه رهي.هينئر اهائي صورتحال وري ٻيهر شروع ٿي رهي آھي مون اڪثر سائنسدانن کان جڏھن ان مسئلي(ماحولياتي) جو حل ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڇا ايتري وڏي ڪائنات ۾ ڪٿي زندگي جا آثار موجود ناهن؟  جواب مليو ته فطري تهذيب جي عمر جو  مقرر وقت  ئي شايد هزارن سالن تي مشتل هوندو آھي ۽ صنعتي زندگي ۾ اهو  چند صدين تي سموئجي اچي ٿو اها ڪائنات جيڪا اربين سال قديم آھي ۽ زمان ومڪان جي ڊگهن مفاصلن تي مشتمل آھي.ان کان اڳ ته ڪو سندس جي حقيقت تائين پهچ حاصل ڪري شايد تهذيبون تيزي سان پيدا ٿي ڪري فنا ٿي وڃن ٿيون زمين تي جڏھن به فنا جو دور آيو آھي ان کان وڌيڪ وڏي ماحولياتي خرابي تيزي سان زندگي جو خاتمو ڪيو آھي اسان جي دور جو خاتمو اچي چڪو آھي شروعات ٿي چڪي آھي جڏھن ته جيترن سائنسدانن سان منهنجي ڳالهھ ٿي آھي اهي هن ڳالهھ تي ايمان رکن ٿا ته“بدلجندڙ  موسم“ کي ابتين پيرين موٽائڻ لاءِ ڪو نه ڪو رستو ڪڍي وٺنداسين ڇوته ان کان سواءِ ڪو ٻيو وسيلو ئي ناهي رهيو.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *