سرهاري ريل سانحو :ڊويزنل ايگزيڪيوٽو انجنيئر سميت 6 عملدار معطل

آگسٽ 9, 2023

نوابشاهه (رپورٽ: اياز ڏاهري) سرهاري هزاره ايڪسپريس سانحي تي حڪومت ڊويزنل ايگزيڪيوٽو انجنيئر سکر حافظ بدرالعارفين سميت 6 عملدار معطل ڪري ڇڏيا آهن

وفاقي حڪومت ريلوي نوٽيفڪيشن جاري ڪندي  ابتدائي جاچ دوران ريل جي پٽڙي ۾ لوھ  بدران ڪاٺ جو ٽڪرو استعمال ٿيڻ ڪري آفيسرن جي ڪوتاھي سامھون اچڻ تي6 آفيسرن ۽ ملازمن کي معطل ڪيو

هي به پڙهندا

حادثي جا ذميوار گريڊ 18 جو ڊويزنل ايگزيڪيوٽو انجنيئر سکر حافظ بدرالعارفين، گريڊ 18 جو ورڪ مئنيجر ڊيزل ورڪشاپ ڪراچي عاطف اشفاق، گريڊ 17 جو اسسٽنٽ انجنيئر نواب شاهه مشرف مجيد، پرمانٽ وي انسپيڪٽر شهدادپور محمد عارف،  پاور ڪنٽرولر ڪوٽڙي بشير احمد ۽ گريڊ 3 جو ڪي مين ڪنگلي شامل آهن، جن کي معطل ڪيو ويو آهي

 ياد رهي ته ڪراچي کان حويليان ويندڙ هزاره ايڪسپريس  پٽڙي تان لهي وئي هئي، ٻي طرف هزاره ايڪسپريس حادثي جي ابتدائي جاچ رپورٽ ۾ ذريعن موجب ته حادثي واري جڳهه تي لائن کي ڳنڍڻ واري فش پليٽ نه هئي،  لائن جوڙڻ واري فش بليٽس مسنگ هئي، ڀڳل پٽڙي ۾ ڪاٺ جا ٽڪڙا لڳايا ويا هئا

 رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي  ته انجڻ جا ڦيٿا به خراب هئا جنهن سبب خوفناڪ سانحو پيش آيو

Leave A Comment