سرهاري ۾ جاويد جميل راجپوت ميموريل ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ الفقراءَ اليون کٽي ورتي

سرهاري ۾ جاويد جميل راجپوت ميموريل ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ الفقراءَ اليون کٽي ورتي

سرھاري (ن پ ا) سرھاري ۾ مرحوم جاويد جميل راجپوت ميموريل ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ الفقراءَ اليون کٽي ورتي. تفصيل موجب سرھاري ۾ سماجي شخصيت مرحوم جاويد جميل راجپوت جي نالي سان ڪرايل ميموريل ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ايس سي ايل سيزن 3 منقد ڪرايو ويو.  ٽورنامنٽ ۾ علائقي سميت شھدادپور سانگھڙ نوابشاھ ۽ ٻين شھرن جي 10 ٽيمن حصو ورتو‚ ٽورنامنٽ جي فائنل ۾ ال عباس اليون ۽ الفقراء اليون وچ ۾ دلچسپ مقابلو ٿيو‚ ال عباس اليون ٽاس کٽي شاندار بيٽنگ ڪندي 10 اورن ۾ 77 رنسون ٺاھي سگھي‚ جڏھن ته الفقراء اليون شاندار بيٽنگ جو مظاھرو ڪندي ڇھن اورن ۾ 77 رنسن جو حدف پورو ڪندي چيمپين بڻجي وئي. بھترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آل رائونڊر سھيل چانڊيو کي فائنل جو مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو‚ جنھن بھترين بالنگ ڪندي 3 وڪٽون ورتيون ۽  بيٽنگ ڪندي 25 اسڪور ٺاھيو‚ ان موقعي تي ونر ٽيم الفقراء اليون جي ڪپتان عرفان انڙ کي ھڪ لک روڪ ۽ ٽرافي ڏني وئي جڏھن ته رنر ٽيم ال عباس اليون جي ڪپتان گلزار زرداري کي 50 ھزار روڪ  انعام ۽ ٽرافي ڏني وئي. ٽورنامنٽ جو بيسٽ بالر شريف زرداري کي قرار ڏنو ويو جنھنکي 50 ھزار روڪ انعام ۽ ٽرافي ڏني وئي‚ ٽونامنٽ جو اسپانسر شھر جو سماجي اڳواڻ جمشيد جميل راجپوت ۽ آرگنائيزر احسان علي خچي‚ مختيار علي زرداري ۽ سجاد علي خاصخيلي ھئا. فائنل ۾ سياسي سماجي اڳواڻ ڪاشف خان مگسي خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، جڏھن ته رستم علي جوڻيجو، برڪت علي جوڻيجو،  دانيال شاھد، محمد خان جمالي، رائو افضل راجپوت، سيٺ پرڪاش ۽ ٻين مھمانن طور شرڪت ڪئي