نوابشاهه(رپورٽ: اياز ڏاهري)ريلوي اختيارين سرهاڙي ريل سانحي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي، لائين ۾ڪاٺ جي استعمال جو انڪشاف ٿيو آهي
سرهاڙي ويجهو هزارا ايڪسپريس جون 10 بوگيون پٽڙي تان لهڻ سبب 30 مسافر فوت ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا، حڪومت جي هدايت تي ريلوي اختيارين جاچ شروع ڪئي شروعاتي جاچ موجب ريلوي لائين جي جوائنٽ ۾ڪاٺ جو استعمال ڪيو ويو
ريلوي ٽريڪ جي مرمت ۾ريلوي اسٽاف جي مجرماڻي غفلت پڻ سامهون اچي وئي آهي، ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته عملي جوائنٽ ۾لوهه بدران ڪاٺ جو استعمال ڪيو
شورعاتي جاچ ۾ٽريڪ جي حالت کي غير تسلي بخش ڏٺو ويو، ٽائيم نيوز ٽريڪ ۾استعمال ٿيل ڪاٺ جا فوٽيجز هٿ ڪري ورتا
فوٽيج ۾ ٻن لائينن جي گڏيل حصي ۾ لڳل ڪاٺ واضح طور تي ڏسي سگهجي ٿو
ٻئي طرف وفاقي وزير ريلوي خواجه سعد رفيق جي هدايتن تي فيڊرل انسپيڪٽر جنرل آف ريلوي جي سربراهي ۾ ٽيم لاهور مان رواني ٿي وئي آهي، ايف آئي جي، جي سربراهي ۾ ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي حادثي واري جاءِ جو معائنو ڪندي
وفاقي وزير ريلوي ٽيم جي حادثي جا ڪارڻ معلوم ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي