نوابشاهه/سرهاڙي/شهدادپور(رپورٽ: اياز ڏاهري/ محمد عثمان ملاح/ عبدالحميد کوسو)
…سرهاڙي ويجهو ٽرين حادثي ۾ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 31 ٿي ويو، 110 زخمين مان ٽن ڄڻن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي، فوتين جي انگ وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي
نوابشاهه ويجهو ڪراچي کان پنجاب ويندڙ هزارهه ايڪسپريس سان سرهاڙي ۾ افسوسناڪ ۽ خوفناڪ حادثو پيش آيو، حادثي ۾ وڌيڪ هڪ ڄڻو حياتي وڃائي ويٺو، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 31 ٿي ويو آهي 110 زخمين مان ٽن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي
ڪراچي کان پنجاب جي حويليان ايبٽ آباد ويندڙ مسافر ٽرين هزارهه ايڪسپريس شهيد بينظير آباد ويجهو سرهاڙي ريلوي اسٽيشن طرفان خوفناڪ حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽرين جون 13 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، جڏهن ته 3 بوگيون 18، 19 ۽ 20 شديد متاثر ٿيون جن ۾ وڏي انگ ۾ مسافر ڪلاڪن تائين ڦاٿل رهيا
حادثي جي نتيجي ۾ ريسڪيو ذريعن مطابق 35 انساني جانيون جن ۾ معصوم ٻار، عورتون ۽ مرد شامل آهن اجل جو شڪار ٿيا آهن، جڏهن ته 64 مسافر عورتون مرد توڙي معصوم ٻارڙا زخمي ٿيا آهن، ٽرين ۾ گڏيل طور تي 19 بوگيون هيون جن ۾ 1200 مسافر سوار هئا، زخمين کي ريسڪيو عملي نوابشاهه، سانگهڙ، سڪرنڊ، سرهاڙي سميت ٻين سرڪاري توڙي نجي اسپتالن ۾ پهچايو ويو
سرڪاري انگن اکرن مطابق 30 انساني جانيون افسوسناڪ حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿيون آهن، ٽرين حادثي ۾ فوت ٿيندڙ 30 ڄڻن جي ئي سڃاڻپ ٿي وئي جن جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا
فوتين ۾ ٽنڊوآدم واسي رضيا زال عبدالوهاب خلجي، انيتا زال لالو، زبيده زال اصغر، سعيدان زال گلاب نيڪ، حيدرآباد واسي پروين زال عبدالجبار، شازيه زال محمد سليم آرائين، گهوٽڪي واسي ميرچند ولد رانجهن، سندس زال سگهڙ مائي، سنجھورو واسي صاحب خان پٽ نبي داد،صادق آباد جو رھواسي نورالدين پٽ دين محمد، ملتان جو رھواسي منصور پٽ محمد منظور، ٽنڊوآدم جي رھواسڻ مسمات سعيده خلجي زال غلام نبي شامل آهن
سانگھڙ جا رھواسي محمد شريف پٽ شير محمد مري، خير محمد پٽ جان محمد، محمد اختر پٽ مير محمد، دادو جي رھواسڻ مسمات نائلا زال محمد ڪاشف، حيدرآباد جي رھواسڻ مسمات شريفان زال فقير محمد، ٽنڊوآدم جي رھواسڻ مسمات رضيه زال عبدالرزاق به فوت ٿي وئي
حيدرآباد جي رھواسڻ مسمات پروين زال عبدالجبار، مسمات شازيه زال محمد سليم، ٽنڊوآدم جي رھواسڻ مسمات انيلا زال لالو، ٽنڊو آدم واسڻ سائره، رحيم يار خان واسڻ نسرين زال سليم آرائين، ٽنڊوآدم جون رھواسي مسمات زبيدہ زال محمد اصغر، مسمات سعيده زال گلاب نيڪ به فوتين ۾ شامل آهن
ملتان واسڻ شازيه پروين زال عبدالجبار، سانگھڙ واسڻ نصيران زال محمد سليم، نواب شاهه واسي ڀيڻ ڀائر ايان علي ۽ عاليه ڌي علي خان، ٽنڊوآدم واسي 15 ورھين جي حسينه ڌيءُ لطف الله بوزدار، مسمات سائين خاتون زال عبدالغفار، مسمات عاقل زادي زال الله بچايو، ٻن ورھين جو رحيم بخش، ٻن ورھين جي سونھن، شھدادپور واسي ياسر پٽ دانيال، رحمٰن پٽ ياسر فوت ٿيا
ٺٽي واسي ڄيٺا لال ولد کيمچند، نوابشاهه واسي پونم زال رامو، ٽنڊوآدم واسڻ فتح خاتون زال سچل چنا، پٺاڻي زال محمد نوا زڀٽي، صائقه زال غلام نبي خاصخيلي، ماٿيلو واسي اشفاق احمد ولد عبدالرشيد ميراڻي، دادو واسڻ مريم نور، ڄام صاحب واسي خير محمد، سرهاڙي واسي خميسو خاصخيلي زخمين ۾ شامل آهن
لاڙڪاڻي واسي گل حسن ڪلهوڙو، گپچاڻي واسي ايمن ڌيءُ آصف خاصخيلي، گهوٽڪي واسي مبين، ٽنڊو محمد خان واسي محمد جاويد، محرابپور جو اصغر ڪمبوهه، رضوان اعواڻ، اڪري چودڳي جو عبدالرحمان، احمدپور جو عبدالستار به زخمي ٿيا
نوابدشاهه جو اساما ڪيريو، بابو ولد وڪرم، رضوانا، سرهاڙي جو قربان انڙ، خيرپور جوذاڪر حسين ٽالپر، پيرڳوٺ جا غلام قادر ابڙو، اطهر علي، جمال الدين، سوٺ شر، روشن بهراڻي، حيدرآباد جا حسنين، رخسانا، ٽنڊوآدم جو عبدالحميد، شهزاد علي قريشي، ذيشان راجپوت، محمد يوسف زخمين ۾ شامل آهن
حيدرآباد جا ساجد بهڻ، اطهر بهڻ، صفره بهڻ، ٽنڊو الهيار جو عبدالرشيد، نوابشاهه واسي مبشر، وڪرم ولد ڪاڪا، ايمن ياسر، فتاح خاتون، بچان خاتون، ديوالي ڌيءُ لالو، جانڪي ڌيءُ لالو، شميم،(ٽنڊوآدم) ٻانڌي جو محمد راڻو، محراب پور جا عائشه ڪمبوهه، ابيحا ڪمبوهه، وجيهه ڪمبوهه، شهدادپور واسي سونيا، راڻيپور واسي محمد باقر ۽ ٻيا زخمي ٿيا
هوڏانهن هزارهه ايڪسپريس سان حادثي جي وزير اعظم پاڪستان شهباز شريف، پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمينن بلاول ڀٽو زرداري، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پهچي انتظامن جو جائزو ورتو مريضن جي عيادت ڪري کين هر ممڪن مدد ڪرڻ جي خاطري ڪرائي