سروس ڪميشن  چيئرمين ڪيس ڪرڻ ۾ تڪڙ ڪئي: ناصر شاهه

  سروس ڪميشن  چيئرمين ڪيس ڪرڻ ۾ تڪڙ ڪئي: ناصر شاهه

ڪراچي:  صوبائي وزير ناصر شاھ چيو آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين پاران ڪيس داخل ڪرائڻ ۾ تڪڙ ڪئي. سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن شاھه چيو ته 12 مئي تي ڪارو ڏينهن ھو، جنهن جي جوابدارن کي جيڪا سزا ملڻ گھرجي اھا ناھي ملي سگھي،  هن چيو ته 12 مئي واقعي بعد پ پ جي حڪومت آئي ھئي تيستائين شاھديون مٽايون ويون ھيون۔ هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين ڪيس داخل ڪرائڻ ۾ تڪڙ ڪئي، هن وڌيڪ چيو ته پ پ ۽ پي ٽي آءِ اتحاد واريون ڳالهيون سوشل ميڊيا جون ڳالهيون آهن. انهن تي ڌيان نه ڏنو وڃي