حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ڄامشورو مان مبينا کنڀي گم ڪيل نوجوان جي بازيابي لاءِ داخل درخواست تي ايس ايس پي ڄامشورو کي نوٽيس جاري ڪندي
10 آڪٽوبر تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس محمود اي خان رمارڪس ڏنا ته نوجوان سرويچ نوحاڻي آسماني مخلوق يا زميني مخلوق وٽ هجي يا وري هو سمنڊ ۾ موجود آهي
پر رياست جي ذميواري آھي ته هو نوجوان جي ڳولا کي يقيني بڻائي. ڄامشورو جي يونيورسٽي ڪالوني جي رهواسي سرتاج نوحاڻي پنهنجي ڀاءُ سرويچ نوحاڻي کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف وڪيل عرفان خاصخيلي معرفت پٽيشن داخل ڪرائي ھئي
جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو آهي ته سندس ڀاءُ سرويچ کي گم ٿئي ٽي سال ٿي ويا آھن پر پوليس اڃا تائين سندس ڳولا کي يقيني ناهي بڻايو
پٽيشن تي ٻڌڻي جسٽس محمود اي خان ۽ جسٽس ذوالفقار علي سانگي تي مشتمل ڊويزنل بينچ ڪئي. وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته سرويچ نوحاڻي جي بازيابي لاءِ عدالتي حڪم تحت هيستائين 23 جي آءِ ٽيز جوڙيون ويون آهن پر انهن به ڪيس ۾ ڪا اڳڀرائي ناهي ڪئي
عدالت پوليس عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان نوجوان جي بازيابي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا آهن جنهن تي پوليس عملدارن عدالت کي آگاهي ڏني ته نوجوان سرويچ جي انهن ڪيترن ئي علائقن ۾ ڳولا ڪئي آھي
پر سندس ڪٿي به ڪو ڏس پتو ناهي ملي سگهيو. جسٽس محمود اي خان رمارڪس ڏنا ته تعجب آهي 3 سالن کان مٿي عرصو گذري ويو آھي پر پوليس کي اها ڄاڻ ئي ناهي ته نوجوان ڪٿي آهي
جسٽس پوليس عملدارن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان رڳو ھر ٻڌڻي تي مهلت لاءِ اچو ٿا باقي اوهان کي ڪا پيش رفت ئي ناھي ڪرڻي. پوليس عملدارن ٻيهر اها ڳالهه ورجائي ته انهن 23 جي آءِ ٽيز جوڙي هر سطح تي نوجوان جي ڳولا ڪئي پر سندس ڪٿي ڪو ڏس پتو ناهي مليو
جسٽس محمود اي خان چيو ته جي آءِ ٽيز جا منٽس ئي موجود ناھن ۽ نتيجا به زيرو پوءِ ڪھڙو فائدو عدالتن توڙي حڪومت جو وقت ضايع پيا ڪريو ان لاءِ عدالت کي گمراهه ڪرڻ بدران ٻڌايو وڃي ته سرويچ ڪٿي آھي
عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ايندڙ ٻڌڻي تي جي آءِ ٽيز جي عملدارن کي هيستائين ٿيل اجلاسن جا منٽس ۽ تفصيلي رپورٽ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو