حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ڄامشورو مان مبينا کنڀي گم ڪيل نوجوان کي 10 ڏينهن بعد عدالت ۾ پيش نه ڪرڻ تي جي آءِ ٽي ۾ شامل سمورن کاتن جي ميمبرن کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي
ايس ايس پي ڄامشورو عدالت کي آگاهي ڏني ته کين سرويچ نوحاڻي بابت ڄاڻ ملي آهي ته هو ڪٿي آهي پر في الحال اهو ظاهر نٿا ڪري سگهن
جسٽس محمود اي خان ايس ايس پي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان ڪوڙ ٿا ڳالهايو ۽ اوهان ۾ پروفيشنل صلاحيت ئي ناهي، جيڪڏهن سرويچ بابت اوهان کي ڄاڻ آهي ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي
سنڌ يونيورسٽي ڪالوني مان کنڀي گم ڪيل سرويچ نوحاڻي جي ڀاءُ سرتاج نوحاڻي وڪيل عرفان خاصخيلي معرفت پٽيشن داخل ڪرائي ھئي
پٽيشن ۾ هن موقف اختيار ڪيو ته 2020ع دوران سندس ڀاءُ سرويچ پراسرار نموني گم ٿيو جنهن کي 3 سال ٿي ويا آھن پر ڪٿي به سندس ڪو ڏس پتو ناهي ملي سگهيو
ٻڌڻي جسٽس محمود اي خان ۽ جسٽس ذوالفقار علي سانگي تي مشتمل ڊويزن بينچ ڪئي. عدالت پاران طلب ڪرڻ تي ايس ايس پي ڄامشورو ۽ جي آءِ ٽي ۾ شامل ميمبر، پٽيشنر ۽ سندس وڪيل پيش ٿيا
عدالت ايس ايس پي کان پڇاڻو ڪيو ته کنڀي گم ڪيل نوجوان بابت پيش رفت ٿي آهي يا اڃا اوهان جي ڳولا مڪمل ناهي ٿي سگهي
ايس ايس پي عدالت کي آگاهي ڏني ته کين سرويچ نوحاڻي بابت ڄاڻ ملي آهي ته هو ڪٿي آهي پر في الحال معاملو راز ۾ رکيو ويو آهي
جسٽس محمود اي خان ايس ايس پي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان ايتري آساني سان ڪيئن مڃون ته اوهان سرويچ تائين پهچي چڪا آهيو، جيڪڏهن اوهان کي خبر آهي ته پوءِ کيس عدالت ۾ پيش ڪيو ته جيئن پٽيشنر کي مطمئن ڪري سگهون
وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته لاڳاپيل عدالت جي حڪم تي معاملو حل ڪرڻ لاءِ 23 دفعا جي آءِ ٽيز جوڙيون ويون ۽ ان ۾ شامل ميمبرن پاران بار بار عدالت کي آگاهي ڏني وئي ته هو معاملي جي حل تائين پهچي ويا آهن پر تنهن باوجود نوجوان جو ڪو ڏس پتو ناهي مليو
جسٽس محمود اي خان پوليس عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته 3 سال ٿي ويا آھن، اسان عدالتن ۾ رڳو تاريخون ڏيڻ لاءِ ويٺا آهيون، 10 ڏينهن بعد جيڪڏهن نوجوان کي عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو ته سمورا جي آءِ ٽي جا ميمبر عدالت ۾ پيش ٿي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائيندا