| سريلنڪا ويجهو شهيد ايراني نيوي اهلڪار جو مڙهه مٽي ماءُ حوالي |
تھران (م ڊ) سري لنڪا ويجھو آمريڪا جي حملي ۾ تباھھ ٿيل ايراني جھاز آءِ آر آءِ ايس دينا ۾ شھيد ٿي ويل هڪ ملاح جي تدفين ڪئي وئي ۽ جنازي جي جلوس ڪڍيو ويو. نامعلوم ملاح کي هرمزگان صوبي جي زيارت سيد سليمان جي ڳوٺ ۾ دفن ڪيو ويو. تهران ٽائمز پاران پوسٽ ڪيل تصويرن ۾ ماڻهن جو هڪ ميڙ ملاح جي تابوت کي کڻي ويندي ڏسي سگھجي ٿو جيڪو ايراني جهنڊي ۾ ويڙهيل هو. گذريل هفتي سريلنڪا 84 ايراني ملاحن جا لاش اماڻيا ھئا. حملي کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ 32 ٻين ملاحن کي بچايو ويو جڏهن ته 20 کان وڌيڪ اڃا تائين گم آهن.