| سريلنڪا پاران پاڪستاني دوري لاءِ اسڪواڊ جو اعلان، اسلانڪا ڪپتان |
ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ(سريلنڪا ڪرڪيٽ) پاڪستان جي دوري لاءِ ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊز اعلان ڪري ڇڏيو. سريلنڪن ٽيم پاڪستان ۾ ٻه طرفي ون ڊي سيريز کانسواءِ پاڪستان ۽ زمبابوي خلاف ٽه ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ به حصو وٺندي. سريلنڪا ڪرڪيٽ طرفان جاري ڪيل بيان موجب، وائيٽ بال ٽيم جي قيادت چيراٿ اسالانڪا ڪندو، پاٿُم نسانڪا، ڪوشال مينڊس، ڪمندو مينڊس، ڪمل مشرا ۽ جانٿ لياناگي ٻنهي اسڪواڊز جو حصو آهن. ان کانسواءِ ونندو هسارنگا،مهيش ٿيڪشنا، دشمانٿا چميرا، اسيٿا فرنينڊو ۽ ايشان ملنگا به ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ٻنهي ٽيمن ۾ شامل آهن. لاهيرو ادارا، سمارا وڪراما، پون رتنائڪي، جافري وندارسي ۽ پرمود مڌهوشانڪا رڳو ون ڊي اسڪواڊ جو حصو هوندا، جڏهن ته داشن شناڪا، ڪوشال پريرا، ڀنوڪا راجا پڪسا، دوشان هيمانٿا ۽ نوان توشارا صرف ٽي ٽوئنٽي کيڏندا
.
سريلنڪا ڪرڪيٽ موجب، سري لنڪن ٽيم 8 نومبر تي ڪولمبو کان پاڪستان لاءِ اُڏام ڀريندي. واضح رهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ 3 ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز 11 نومبر کان شروع ٿيندي، جڏهن ته ٽه ملڪي سيريز جون ميچون 19 نومبر کان کيڏيون وينديون.