جهڙي نموني اغوا انڊسٽري هن وقت سنڌ ۾ عروج تي آهي، شايد ئي اها ڪنهن دور ۾ اهڙي ‘اوج’ تي رسي هجي! هونئن ته سنڌ جي اترئين ضلعن جو ڪچو ڄڻ ته ڌاڙيلن کي مقاطعي تي مليل هجي، پر انهن ضلعن ۾ به ڪشمور- ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ ڌاڙيلن جي برپا ڪيل ڪاري قيام ڏسي ائين لڳي ٿو ته هن ضلعي جو ڪچو سنڌ سرڪار جي انتظامي سرحدن کان ئي ٻاهر هجي! اتي ڌاڙيل راڄ آهي، جتي ڪچي جي ڌاڙيلن کي پڪي جي ‘ڌاڙيلن’ جو به ساٿ ۽ سهڪار حاصل آهي، جو هاڻي ته عوام جي تحفظ لاءِ مقرر پوليس اهلڪار پاڻ به محفوظ نه آهن، جنهن جو مثال تازي واردات آهي. ڪرمپور ويجھو ڳوٺ عبدالحق پنهوار ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري ايس ايچ او بخشاپور سڪندر پنهوار جي پٽ ۽ معصوم پوٽي کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. 23 ورهين جو نوجوان گل حسن پنهوار، 8 ورهين جي ننڍڙي ڀائيٽي مزمل کي اسڪول ڇڏڻ وڃي رهيو ته ڳوٺ ٻاهران تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن فائرنگ ڪري کين قتل ڪري ڇڏيو. ايس ايس پي ڪشمور جو چوڻ آهي ته بدنام ڌاڙيل ملگزار عرف ملهو بهلڪاڻي گينگ جي ڏوهارين خلاف پوليس آپريشن هلندڙ آهي، ڏوهارين پوليس آفيسر جي اولاد کي نشاڻو بڻايو آهي. پوليس پاران بهلڪاڻي گينگ جا 3 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعوا به ڪئي وئي آهي. واقعي خلاف ڪنڌڪوٽ ۾ وڪيلن طرفان احتجاج ڪيو ويو آهي. ڪشمور ۾ واقعي خلاف استادن ۽ شاگردن پڻ احتجاج ڪيو آهي.
ڪشمور- ڪنڌڪوٽ سميت سنڌ جا اڌ درجن کان وڌيڪ ضلعا اڻ اعلانيل طور ڌاڙيلن جي حوالي ٿيل آهن. سنڌ کي “ڏوهارين جي ڏيهه” واري سڃاڻپ ڏيارڻ لاءِ سنڌ جون بدخواهه قوتون ۽ انهن جي فتور جي فيڪٽرين ۾ تيار ٿيل “مقامي پراڊڪٽ” وسان نه پيو گهٽائي. امن کي ڏيهه نيڪالي صرف ڪچي جي ڌاڙيلن ئي نه ڏني آهي، پر “پڪي جا ڌاڙيل” به انهن جا ڀيچي ۽ ساٿي بڻيل آهن. اهي ئي ڏوهن جي سرپرستي ڪندڙ آهن. اسان اڳ به هنن ئي ڪالمن ۾ اهو چوندا رهيا آهيون ته جيستائين انهن ۾، قطع نظر انهن جي سياسي وابستگيءَ جي، هٿ نه وڌو ويندو، تيستائين ڏوهن ۾ گهٽتائيءَ جو امڪان پيدا ٿي نه سگهندو. ڏوهن جي سرپرستي ڪندڙ ان “اشرافيا” ۾ “اليڪٽيبلز”، يا وري اقتدار جي مسند تائين پهچائڻ لاءِ ڏاڪڻ جو ڪم ڏيندڙ ڀوتار به ٿي سگهن ٿا. جيئن ته اليڪشن ويجهي آهي ۽ انهن ۾ هٿ وجهي منتظمين انهن سان ڦٽائڻ نه چاهيندا. اهوئي سبب آهي، جو پوليس جي حيثيت اها وڃي ٿي آهي، جنهن جو عڪس ترميم ٿيل هن چوڻيءَ ۾ پسي سگهجي ٿو ته، “پوليس مان نه ڌاڙيلن کي ڊپ، نه عوام کي آسرو”. گهڻن معاملن ۾ جتي پوليس ڪچي ۽ پڪي جي ڌاڙيلن اڳيان بيوس بڻيل آهي، اتي ڪجهه معاملن ۾ سهولتڪاري ڪندي به نظر اچي رهي آهي. اسان پنهنجي ان گهر کي ورجايون ٿا ته، ڪچي ۽ پڪي جي ڌاڙيلن خلاف هڪ ئي وقت ڀرپور آپريشن فوج جي مدد سان ڪيو وڃي.
سنڌ ۾ امن امان جي موجوده صورتحال فقط عام شهري لاءِ ئي خطرناڪ ناهي، پر هاڻي ته سنڌ پوليس پاڻ به ڏوهارين جي کليل نشاني تي اچي چڪي آهي. هاڻي ته ڏوهاري ٽولا پوليس آفيسرن کي دٻاءَ ۾ آڻڻ لاءِ انهن جي گهر ڀاتين ۽ اولاد تي حملا ڪري کين قتل ڪرڻ لڳا آهن. گذريل ڪجهه سالن کان سنڌ ۾ ڏوهن جي لهر وڌندي پئي اچي، پر تازين واقعن هن باهه ۾ وڌيڪ تيل وڌو آهي، جتي پوليس اهلڪارن، انهن جي گهر ڀاتين تي حملا، اغوا، دهشت، ڌمڪيون ۽ کليل مزاحمت معمول بڻجي چڪا آهن. سوال اهو آهي ته آخر رياست ڪٿي بيٺل آهن؟ هڪ حيرت انگيز ۽ افسوسناڪ منظر ان وقت ڏٺو ويو، جڏهن سنڌ انتظاميا هٿياربند ڏوهارين کي مڪمل عزت ۽ پروٽوڪول سان “سرينڊر ڊرامو” ڪرائي، کين ريڊ ڪارپيٽ رسيپشن ڏني. عجيب ڳالهه اها آهي ته سرينڊر شو باوجود به ڏوهاري گروهه مڪمل طور ختم نه ٿيا. ڪيترائي گروهه اڃا تائين فعال آهن. اهو رڳو هڪ شو نه هو، پر رياستي نااهليءَ جو کليل اعتراف هو. جنهن رياست جو قانون هٿياربند ڏوهارين کي هٿ نه وجهي سگهي، جنهن جا ادارا انهن کان ڊڄي کين شاهي مهمانن جيان پيش ڪن، ان رياست جو وقار ڇا بچي ٿو؟ ان ڪري ڏوهارين کي ريڊ ڪارپيٽ رسيپشن ڏيڻ بدران انهن کي ناس ڪرڻ جون سنجيده ڪوششون ٿيڻ گهرجن. ڏوهن جي سرپرستي ڪندڙ سياسي ۽ قبيلائي ‘اشرافيا’ خلاف سگهاري آپريشن جي ضرورت آهي.