| سري لنڪا جو ڪپتان ۽ ساٿي بيماري سبب واپس وطن روانا |
راولپنڊي (اسپورٽس نيوز) ٽي ملڪي ٽي 20 سيريز کان اڳ سريلنڪا جا ٻه اهم رانديگر وطن واپس هليا ويا آهن. ڪپتان چارٿ اسالنڪا ۽ فرنينڊو خراب صحت جي ڪري سريلنڪا واپس ويا آهن. چارٿ اسالنڪا جي جاءِ تي داسن شناڪا سريلنڪا ٽيم جي اڳواڻي ڪندو. سريلنڪا جي ڪپتان داسن شناڪا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ون ڊي جون غلطيون نه ورجائينداسين پر غلطين مان سکڻ ۽ ٽي 20 سيريز کٽڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته موسم مشڪلاتون پيدا ڪري رهي آهي، پر اسان کي ان ۾ کيڏڻو آهي. اسان سڀني چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. پاڪستان صحيح رخ ۾ کيڏي رهيو آهي.