| سري لنڪن ڪرڪيٽ جو صدر شمي سلوا ڪميٽي سميت مستعفي |
ڪولمبو(اسپورٽس نيوز) سري لنڪا ڪرڪيٽ بورڊ جو صدر شمي سلوا پنهنجي عهدي تان استعفيٰ ڏئي چڪو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب شمي سلوا سان گڏ سڄي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي به استعفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ بورڊ ۾ انتظامي خال پيدا ٿي ويو آهي. استعفيٰ بابت راندين جي وزير سنييل ڪمارا گاماگي کي آگاهه ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب معروف بينڪر ايرن وڪرامارتني سري لنڪا ڪرڪيٽ جي قيادت سنڀالڻ لاءِ مضبوط اميدوار طور سامهون اچي رهيو آهي.