سري ڀرسان پالاري ڌرين ۾ پلاٽ تان جھيڙو: سئوٽ هٿان سوٽ گوليون هڻي قتل

سري ڀرسان پالاري ڌرين ۾ پلاٽ تان جھيڙو: سئوٽ هٿان سوٽ گوليون هڻي قتل

نوري آباد (ن پ ا) نوري آباد ويجهو سري شهر ڀرسان پالاري برادري جي ڳوٺ فاضل پالاري ۾ زمين جي پلاٽ بابت پراڻي تڪرار تان ٻن سوٽن عامر پالاري ۽ رستم پالاري جي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران عامر پالاري مبينا طور پسٽل جا فائر ڪيا. فائرنگ جي نتيجي ۾ رستم ولد الله رکيو پالاري گولي لڳڻ سبب موقعي تي ئي مارجي ويو. واقعي کانپوءِعلائقي ۾ خوف، ڏهڪاءُ ۽ ڇڪتاڻ واري فضا ڇانئجي وئي. اطلاع تي ٿاڻو بولاخان پوليس واقعي واري هنڌ پهچي شروعاتي جاچ شروع ڪئي ۽ مقتول جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. علائقي جي معزز شخصيتن حاجي محمد رمضان پالاري، ارشد نواب پالاري، يوسي سري جي چيئرمين محمد خان پالاري ۽ جاني خاصخيلي واقعي واري جاءِ تي پهچي وڌيڪ رتوڇاڻ کي روڪڻ لاءِ ڪوششون ورتيون. ٻنهي ڌرين کي وڌيڪ تڪرار کان روڪڻ لاءِ پابند ڪيو ويو. پوليس موجب واقعي بابت جاچ جاري آهي ۽ قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. واقعي جو ڪو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.