اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سرڪاري آفيسن جي وقت ۾ تبديلي ڪئي وئي، اسٽيلشمينٽ ڊويزن جي جاري نوٽيفڪيشن مطابق وفاقي سرڪاري آفيسن جو وقت سومر کان جمعي تائين صبح جو ساڍي اٺين وڳي کان ساڍي چئين وڳي تائين مقرر ڪيو ويو آهي
سومر کان جمعو هڪ وڳي کان ڏيڍ وڳي تائين نماز ۽ منجهند جي کاڌي جو وقفو هوندو. نوٽيفڪيشن مطابق سرڪاري آفيسن ۾ مقرر ڪيل نئون وقت فوري طور تي لاڳو هوندو