“سرڪاري اگهه نه پيو ملي”: کپرو ۾ ڦٽين جي آبادگارن جا مٿي تي هٿ

جُولاءِ 11, 2023

کپرو (ن پ ا) کپرو ۾ ڦٽين جي سرڪاري اگھ تي عمل نه ٿيو ڦٽين جي واپارين آبادگارن کي سرڪار پاران اعلانيل اگھ ساڍا اٺ هزار ڏيڻ بدران فيڪٽري

 ڪانٽا پيڍين جي دڪانن گودامن کي تالا هڻي هڙتال ڪري ڇڏي. آبادگارن کان سرڪاري اگھ تي ڦٽيون خريد ڪرڻ کان ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو آھي

 واپارين جي اهڙي عمل بعد ڦٽين جي آبادگارن ۾ مايوسي ڦھلجي وئي آھي آبادگارن آچر خان بوزدار، محمد سليم ۽ يوسف شر دانهيندي چيو ته ڦٽين آبادگارن کي سرڪاري اگهه تي ڦٽيون خريد ڪرڻ بجاءِ فيڪٽري ڪانٽن پيڊين وارا گهٽ اگھه تي ڦٽيون خريد ڪرڻ سميت في مڻ پويان غير قانوني 2 ڪلو ڪڻتو پڻ ورتو وڃي ٿو

 آبادگارن جو چوڻ آھي ته اهڙيون شڪايتون هنن ڊي سي سانگهڙ کي پڻ ڏنيون آھن هنن وس وارن کان گهر ڪئي آھي ته ڦٽين جو سرڪاري اگھه ڏياري بيچيني ختم ڪئي وڃي.

Leave A Comment