سرڪاري تعليم پڌري: ٽاپ 10 ڪاليجن ۾ نجي اسڪولن مان داخلا

سرڪاري تعليم پڌري: ٽاپ 10 ڪاليجن ۾ نجي اسڪولن مان داخلا

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي جي سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جي معيار ۽ شهر جي مشهور سرڪاري ڪاليجن تائين انهن جي شاگردن جي رسائي بابت خطرناڪ انگ اکر سامهون آيا آهن. شهر جي 10 بهترين سرڪاري ڪاليجن ۾ داخلا وٺندڙ شاگردن جي اڪثريت خانگي اسڪولن مان ميٽرڪ پاس ڪئي آهي. داخلا وٺندڙ هر 100 شاگردن مان، لڳ ڀڳ 93 خانگي اسڪولن مان پڙهيل آهن ۽ صرف 7 سرڪاري اسڪولن مان آهن. انهن 10 سرڪاري ڪاليجن ۾ ڪل 13,211 شاگردن داخلا ورتي، جن مان 12,264 خانگي اسڪولن مان ميٽرڪ پاس ڪري آيا آهن جڏهن ته صرف 947 سرڪاري اسڪولن مان ميٽرڪ پاس ڪئي آهي. اهڙيءَ طرح انهن ڪاليجن ۾ 92.8 سيڪڙو خانگي اسڪولن جي شاگردن داخلا ورتي. آدمجي گورنمينٽ سائنس ڪاليج ۾ ڪل 613 شاگردن داخلا ورتي، جن مان 585 خانگي اسڪولن جاآهن ۽ صرف 28 سرڪاري اسڪولن جا. گورنمينٽ ڊي جي سنڌ سائنس ڪاليج ۾ ڪل 1258 شاگردن مان، 1214 خانگي اسڪولن مان آهن جڏهن ته صرف 44 سرڪاري اسڪولن جا. دهلي گورنمينٽ سائنس ڪاليج ۾ ڪل 801 شاگردن داخلا ورتي، جن مان 773 خانگي اسڪولن جا ۽ 28 سرڪاري اسڪولنجا، گورنمينٽ بوائز ڪاليج فار مين ناظم آباد ۾ ڪل 1317 شاگردن مان، 1257 خانگي اسڪولن ۽ 60 سرڪاري اسڪولن مان ميٽرڪ ڪري آيا آهن.