ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) عيدالاضحيٰ تي سرڪاري ملازمن کي 5 موڪلون ملڻ جو امڪان آهي، موسميات کاتي 29 جون تي عيد ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي
جيڪڏهن عيد 29 جون تي ٿئي ٿي ته پوءِ سرڪاري ملازمن کي اربع 28 جون کان 2 جولاءِ 2023ع تائين 5 ڏينهن موڪلون ملڻ جو امڪان آهي
ان حوالي سان حتمي اعلان ذي الحج جو چنڊ نظر اچڻ بعد حڪومت ڪندي جڏهن ته سرڪاري ملازمن کي پگهارن ۽ پينشن جي ادائگي به وقت کان اڳ ڪئي ويندي