سرڪاري ملازمن جو معاشي استحصال ڪئين پيو ٿئي؟!

سنڌ جي هر مستقل سرڪاري ملازم کان ماهوار،

1-Group Insurance

2-Benevolent Fund

3-Income Tax

4-GPF

جي مد ۾ ان جي اسڪيل ۽ اسٽيج وائيز سرڪار پاران مقرر ڪيل رقمون ڪٽجن ٿيون. هر ملازمُ ان ڪٽوتي (Deductions) ڪري اها اميد ڪري ٿو تہ رٽائر ٿيڻ کان پوءِ ان کي يڪمشت مناسب معاشي پئڪيج حاصل ٿيندو يا رٽائرمينٽ کان پوءِ انهن جو جوڳو فائدو ٿيندو. پر افسوس سان چوڻو تہ گروپ انشورنس (Group Insurance) ۽ بينوولينٽ فنڊ

(Benevolent Fund)

  جيڪي بلوچستان صوبي جي ملازمن کي فوتگي ۽ رٽائرمينيٽ يعني ٻنهي صورتن ۾ سال 2009ع کان انهن کي ملي رهيا آهن. پر سنڌ سرڪار جا ملازم اڄ بہ انهن حقن کان محروم آهن ٻين صوبن جا بہ  ملازم ان حقن جي حاصلات لاءِ وقت بوقت احتجاج ڪندا پيا اچن ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجا پنهنجا ڪيس مختلف ڪورٽن ۾ پڻ کڻي ويا آهن.  سنڌ اندر گروپ انشورنس ۽ بينوولينٽ فنڊ جي معاملي کي سرڪاري سطح تي ڪيتري ئي عرصي کان مختلف ڪاميٽيز جي حوالي ڪيو ويو آهي جيڪي غير ضروري ڊيگھ ڪري ان مسئلي کي اينگهايون ويٺيون آهن. بينوولينٽ فنڊ جي حوالي سان سنڌ سرڪار جو گروپ انشورنس جيان تہ ڪنهن سان بہ ڪو معاهدو نہ آهي ۽ نہ وري قانوني ڪا رڪاوٽ آهي. ڇاڪاڻ ان سلسلي ۾ هر ملازم جي ڪٽوتي ٿئي ٿي. ان حوالي  سان سنڌ سرڪار کي  صرف هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي ضرورت آهي تہ هر ملازم کي ان جي اسڪيل مطابق فڪسڊ ريٽ تحت رٽائرمينٽ وقت هڪ دفعي سان ئي بينوولينٽ فنڊ جي رقم ادا ڪئي ويندي. ان ڏس ۾ صرف نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي ضرورت آهي. جڏھن تہ گروپ انشورنس ۾ 78 سالن کان  وٺي سنڌ جي ملازمن جو معاشي استحصال ڪيو ويو آهي. هڪ انشورنس ڪمپني ڪجھ ناڻي کاتي جي سرڪاري بابوئن سان ملي ڪري ملازمن جي کربن روپين کي 78 سالن کان وٺي ڪيڏي نہ هوشياريءَ  سان هڙپ ڪيون ويٺي آهي. ان معاشي خرد برد جو شايد ئي دنيا ۾ ڪو مثال هجي.

گروپ انشورنس جي حوالي سان ڪجھ سال اڳ سنڌ اسيمبلي ۾ ترميم شدھ بل بہ ٽيبل ٿيل آهي، جيڪڏهن پ پ جي موجودھ سنڌ سرڪار ملازم دوست هجڻ جو ثبوت ڏئي تہ انجي پاس ٿيڻ ۾ دير نہ لڳندي!

Benevolent fund

جون اسان وٽ مختلف تشريحون آهن تہ فوتي ملازم جي بيوھ کي ماهوار يا ٽماهي قسط ذريعي ڪجھ رقم ملي سگهندي. ملازم جي ٻارن جي شادي،ڏاج، تعليم…. جي مد ۾ مدد ٿي سگهندي. پر زميني حالتون ان کان مختلف آهن. گروپ انشورنس کان Benevolent  Fund

جي مد ۾ ملازمن کان وڌيڪ ڪٽوتيون ٿين ٿيون پر ان مان ملازمن فوتي/يا حاضر سروس کي ڪو بہ فائدو نہ ٿو ملي. جڏهن تہ ان مد ۾ سرڪار وٽ هر سال اربين روپيہ گڏ ٿين ٿا.

اسان وٽ ملازمن جي حقن جي تحفظ لاءِ لاتعداد سي بي ايز، ايسوسئيشنس ۽ ٽريڊ يونينز آهن پر انهن جو ان طرف ڌيان نالي ماتر بہ نہ رهيو آهي تہ حڪومتون ڪئين ملازمن جو معاشي استحصال ڪري رهيون آهن؟

هن ملڪ جو شهري ڊائريڪٽ ۽ ان ڊائريڪٽ مختلف ٽيڪسز ادا ڪري ٿو. سرڪاري ملازم بہ اهي ٽيڪسز ادا ڪري ٿو پر ان جي باوجود ماهوار ان جي پگهار مان ڳري انڪم ٽيڪس جي ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي. ماضي ۾ حڪومتن ملازمن خاص ڪري لو اسڪيل ملازمن ۽ استادن کي انڪم ٽيڪس جي مد ۾ ڪجھ ڇوٽ ڏينديون رهيون آهن پر موجودھ سرڪار نہ صرف اها ڇوٽ  ختم ڪئي آهي پر Professional  Tax

بہ لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. هن ملڪ اندر هاڻي تہ اهو رڪارڊ قائم ٿي چڪو آهي ايف بي آر کي هر سال سڀ کان وڌيڪ انڪم ٽيڪس سرڪاري ملازم اربن ۽ کربن ۾ ادا ڪري رهيا آهن. جنهنڪري پٽيوالي کان وٺي سيڪريٽري تائين انهن جون پگهارون متاثر ٿي رهيون آهن.

هتي مثال خاطر ڪنهن گزيٽيڊ ملازم جي  پگهار مان جيڪا  ماهوار ڪٽوتي ٿي رهي آهي ان جو وچور پيش ٿا ڪيون،

Group Insurance= 1354

Benevolent Fund= 1748

Income Tax=           16226

Professional Tax=  500

جيڪي ماهوار 19826 ۽ ساليانو 237936  روپيہ ٿين ٿا.  هر ملازم ان مد ۾ سرڪار کي لک ۽ ڪروڙ ادا ڪري ٿو پر ان مد مان ملازمن کي ٽڪو نصيب نہ ٿو ٿئي!! هاڻي پاڻ اندازو ڪيو تہ سرڪار بجيٽ ۾ تہ پنج يا ڏھ سيڪڙو پگهار وڌائڻ جو اعلان ڪري ٿي پر ان جي ڪيل ڪٽوتين جو جيڪڏهن حساب ڪتاب ڪندوءَ تہ حقيقت جي خبر پئجي ويندوءَ تہ انگن اکرن جي ان گورک دنڌي ۾ ملازمن جو معاشي استحصال ڪهڙي نہ چالاڪي ۽ صفائي سان ٿي رهيو آهي.

ضرورت ان ڳالھ جي آهي تہ ٽريڊ يونينز، سي بي ايز ۽ ايسوسئيشنس ملازمن جي ان معاشي استحصال جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪري ان کي تبديل ڪرائن نہ تہ آءِ ايم ايف، ورلڊ بنئڪ جا شيطاني دماغ ۽  فنانس ڊپارٽمينٽ جي ريگيوليشن ونگ جا بابو سنڌ جي ملازمن جا لاھ ڪڍڻ لاءِ پينشن جا ظالماڻا نوٽيفڪيشنس حاڪمن جي چوڻ تي جاري ڪري چڪا آهن پر سنڌ جي ملازمن جي شديد احتجاج کانپوءِ وقتي طور پينشن جي  انهن نوٽيفڪيش کي معطل ڪيو آهي پر انهن کي مڪمل طور  رد ڪرڻ جي حوالي سان ڪي بہ واضع نوٽيفڪيشن  اڃان تائين جاري نہ ٿي سگهيا آهن پر ٻڏڻ ۾ اچي ٿو تہ اڃان گهڻا ملازم دشمن پلان جوڙيون ويٺا آهن جيڪي پائيپ لائن ۾ آهن ۽ مناسب وقت تي پڌرا ڪيا ويندا.

 1-هن وقت سنڌ اندر ملازمن کي پينشن جي حوالي سان نپوڙيو ويو آهي. ڇاڪاڻ تہ ٖ پينشن کي 2024 تائين ۽ 2024 کانپوءِ جي ٻن ڪٽيگريز ۾ ورهائي هڪ نئين پنشن اسڪيم ڪنٽريبيوشن پينشن 2024ع لاڳو ڪئي وئي آهي جيڪا سال 2024ع کان سنڌ سرڪار کي جوائن ڪندڙ ملازمن تي لاڳو هوندي. جڏھن تہ پراڻن ملازمن جي پينشن جي مالي مراعتن کي 63 سيڪڙو مان گهٽائي 15 سيڪڙو تي کڻي اچڻ وارا استحصالي قدم شامل آهن. ان آمراڻن قدمن سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي معاشي طور چليھ چٻي ڪري وڍي آهي. ڇاڪاڻ تہ انهن جي وهم و گمان ۾ بہ نہ هو تہ هڪ دفعي سان ئي انهن جي معاشي حقن ۽ آخرت جي واحد معاشي بانڊ کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري انهن کي جيئري ئي معاشي طور ڪنگال ڪري اذيتن ۾ تڙپائي تڙپائي ماريو ويندو!!

2-مختلف کاتن لاءِ ميڊيڪل پئنل، الائونسز. ٽي اي ڊي ايز، Reimbursement، جي حوالي سان اڻ برابريءَ واريون پاليسيون جوڙڻ.

3-ترقين، سليڪشن بورڊ، ڊي پي سيز سميت ٽائيم اسڪيل پروموشن جي حوالي سان تفريق وارين پاليسن جو جاري رهڻ.

4-پيداواري ۽ غير پيداواري کاتا حقيقتون ۽ تصور،  جهڙيون ٻٽيون پاليسيون لاڳو ڪرڻ شامل آهن.

جن تي جدا تفصيل سان لکڻ جي ضرورت آهي تہ حاڪم، بين القوامي مالياتي ادارا، انهن جا ايجنٽ ۽ سرڪارن جا ميڪاولين دماغ رکندڙ بي رحم بيوروڪريٽ ڪيئن غريب ملازمن کان جيئڻ جو حق کسڻ لاءِ سازشي سمريون ٺاهيون ۽ بنا روڪ ٽوڪ جي پاس ڪرايون ويٺا آهن. سنڌ اندر سال 2025ع ۾ سنڌ جي سمورن سرڪاري ملازمن سان پينشن، ڊي آر اي، گروپ انشورنس، بينوولينٽ فنڊ، پگهارن ۽ مختلف الائونسز جي تفريق جي حوالي سان اڻ وسرندڙ، اڻ مٽجندڙ پاليسون ۽ فيصلا لاڳو ڪرايا ويا آهن. موٽ ۾ سنڌ جي سرڪاري ملازمن بہ بنا تفريق جي مڪمل ٻڌي جي صورت ۾ ان پاليسن ۽ فيصلن کي رد ڪري ان خلاف تاريخي احتجاجَ رڪارڊ ڪرايا آهن. جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ سرڪار ۽ ملازمن جي اتحاد ۾ ڳالهين جا ڪيترائي دور ٿي چڪا آهن. ان ڳالهين جي نتيجي ۾ فلحال احتجاجي تحريڪ رڪجي ٺپ ٿي چڪي آهي ۽ سرڪار پينشن جي ظالماڻن نوٽيفڪشنس کي صرف معطل ڪيو آهي باقي صرف ملازمن جي اتحاد طرفان اعلان ۽ خوشخبريون ڏنيون ويون آهن. پر ان سلسلي ۾ سنڌ سرڪار جي ڳالهين واري ڪاميٽي جي سربراھ، ان ڪاميٽي جي ڪنهن ميمبر يا سنڌ سرڪار جي ترجمان پينشن جا جاري ڪيل ظالماڻا نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ، ڊي آر اي، گروپ انشورنس ۽ بينوولينٽ فنڊ جي حوالي سان وڌيڪ ڪا بہ  پڌرائي نہ ڪئي آهي ۽ نہ وري ڪا deadline ڏني آهي. سنڌ جا ملازم انتظار جي سولي تي مستقل طور

لٽڪيل آهن ڏسجي تہ مستقبل ۾  سنڌ جا حاڪم ۽ قهري ڪامورا ملازمن جا چهرا مرڪائن ٿا يا مرجهائن ٿا؟!!

[email protected]