| سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ ترميم جو عمل مڪمل: نئون اسڪيل 2026 لاڳو: نوٽيفڪيشن جاري |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت سرڪاري ملازمن لاءِ نئين پگهار اسڪيلز 2026 جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. ناڻي وزارت بنيادي پگهار اسڪيلز 2022 جي جاءِ تي نوان پگهار اسڪيلز 2026 لاڳو ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته پگهارن ۾ ترميم جو عمل مڪمل ٿيڻ بعد نئون فريم ورڪ فوري طور لاڳو ٿي ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب گريڊ هڪ جي ملازم جي گهٽ ۾ گهٽ بنيادي پگهار 13 هزار 550 رپين مان وڌائي 16 هزار 280 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سالياني واڌ 430 رپين مان وڌائي 520 رپيا ڪئي وئي آهي. گريڊ 16 جي ملازمن جي گهٽ ۾ گهٽ بنيادي پگهار 33 هزار 720 رپيا ۽ وڌ ۾ وڌ 1 لک 15 هزار 320 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. گريڊ 17 جي آفيسرن جي شروعاتي بنيادي پگهار 45 هزار 70 رپين مان وڌائي 54 هزار 140 رپيا ڪئي وئي آهي، جڏهن ته گريڊ 22 جي آفيسر جي بنيادي پگهار 1 لک 46 هزار 770 رپين کان وڌ ۾ وڌ 2 لک 93 هزار 350 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. ناڻي واري وزارت ايگزيڪيوٽو الائونس بابت پڻ اهم فيصلو ڪندي باضابطه آفيس ميمورنڊم جاري ڪيو آهي. ان تحت گريڊ 17 کان گريڊ 22 تائين جي آفيسرن لاءِ پگهار اسڪيلز 2022 جي بنياد تي ايگزيڪيوٽو الائونس جي منظوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته 30 جون 2026 تائين جي بنيادي پگهار تي اهو الائونس ڏيڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب ايگزيڪيوٽو الائونس 1 جولاءِ 2026 کان لاڳو ٿي چڪو آهي. ٻئي طرف ڪنويئنس الائونس ۾ به هڪ مُشتي 50 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. گريڊ 1 کان 22 تائين جي سمورن وفاقي ملازمن لاءِ نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن تحت گريڊ 1 کان 4 تائين جي ملازمن جو ڪنويئنس الائونس 1 هزار 785 رپين مان وڌائي 2 هزار 678 رپيا ڪيو ويو آهي. گريڊ 5 کان 10 تائين جي ملازمن لاءِ ماهوار ڪنويئنس الائونس 2 هزار 898 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گريڊ 11 کان 15 تائين جي ملازمن جو الائونس 2 هزار 856 رپين مان وڌائي 4 هزار 284 رپيا ماهوار ڪيو ويو آهي. گريڊ 16 ۽ ان کان مٿي جي سمورن آفيسرن جو سفري الائونس 5 هزار رپين مان وڌائي 7 هزار 500 رپيا ڪيو ويو آهي. ڪنويئنس الائونس جون اهي نيون شرحون پڻ 1 جولاءِ 2026 کان لاڳو ٿي چڪيون آهن.