اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) وفاقي حڪومت سرڪاري دستاويزن ۽ ڳجهي معلومات ليڪ ٿيڻ کان بچڻ لاءِ وڌيڪ قدم کنيا آهن
وفاقي حڪومت پاران ذاتي موبائل فون، اي ميل ۽ سوشل ميڊيا جي استعمال بابت گائيڊ لائنز جاري ڪئي وئي آهي
اهڙي گائيڊ لائنز سمورين وفاقي وزارتن، ڊويزن ۽ سمورن صوبن کي اماڻي وئي، گائيڊ لائنز ۾ اها هدايت ڪئي وئي آهي ته حڪومتي ملازم ڳجهي ۽ حساس اجلاس ۾ سمارٽ فونز نه کڻي اچن
واٽس ايپ، فيس بوڪ، انسٽاگرام بابت جيڪي حفاظت قدم آهن انهن تي عمل يقيني بڻايو وڃي، سرڪاري دستاويز ايپليڪيشنز تي شيئر نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي
اهو به چيو ويو آهي ته سرڪاري ملازم گهران ڳجهن اجلاسن ۾ شرڪت ڪرڻ کان پاسو ڪن ۽ گهران ڪنهن به سرڪاري دستاويز جي پرنٽ نه ڪڍن
آواز ٻڌندڙ ڊوائيسز، سمارٽ فونز، مائڪرو فونز، بيبي مانيٽرز، سي سي ٽي وي ڪيمرائون انهن کي بند ڪرڻ جي به سفارش ڪئي وئي
حڪومتي ملازمن کي سوشل ميڊيا تي ذاتي معلومات شيئر ڪرڻ کان به پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي