| “سرڪاري نه اسان جي مرضي تحت ڪيس داخل ڪريو” روبينا چانڊيو جي وارثن کي اعتراض: پٽيشن داخل |
خيرپور (رپورٽر) ٽنڊومستي ڀرسان ڳوٺ ٻٽو چانڊيو ۾ 14 ڏينهن اڳ ڪارنهن جي الزام هيٺ گوليون هڻي ڳوٺ جي چوراهي تي ماڻهن جي هجوم آڏو قتل ڪيل ناري روبينا عرف خالده چانڊيو جي ڪيس ۾ ملوث مک جوابدار ولي محمد چانڊيو ۽ مبينا جرڳي ۾ شامل هجڻ جي الزام هيٺ گرفتار وڏيرو نبن چانڊيو کي 4 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ مڪمل ٿيڻ بعد عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عدالت طرفان جوابدارن کي وڌيڪ 4 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو. ٻئي پاسي، مقتولا روبينا عرف خالده چانڊيو جي امڙ نبل خاتون چانڊيو پنهنجي وڪيل معرفت سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آهي. هن عدالت آڏو موقف اختيار ڪيو آهي ته سندس ڌيءُ جو قتل ڪيس ٽنڊومستي پوليس سرڪار طرفان فريادي بڻجي داخل ڪيو ويو آهي، جنهن تي کيس اعتراض آهي. نبل خاتون پوليس تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته کيس ئي ڪيس جو فريادي مقرر ڪيو وڃي ته جيئن هوءَ پاڻ انصاف لاءِ ڪيس جي پيروي ڪري سگهي. هوڏانهن، ٽنڊومستي پوليس پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپن جو سلسلو جاري آهي. پوليس ڪارروائين دوران ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ جون خبرون آهن، جڏهن ته سندن گرفتاريون اڃا تائين ظاهر نه ڪيون ويون آهن.