| سرڪاري نوڪرين جا اشتهار جنوري ۾ ڏيڻ ۽ پينشن ڪيس سال ۾ اڪلائڻ جو حڪم |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي چيف سيڪريٽري سرڪاري ملازمت جا اشتهار جاب پورٽل تي نه ڏيندڙ کاتن کي ماهه جنوري ۾ اشتهار جاري ڪرڻ ۽ سرڪاري ملازمن جي پينشن وارا ڪيس هڪ سال اندر اڪلائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ڪالهه سيڪريٽري ڪاميٽي جي اجلاس ۾ جاب پورٽل، پينشن معاملن، پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي، آڊٽ پيرائن سميت ٻين معاملن تي تفصيلي غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري چيو ته جن کاتن اڃا تائين نوڪرين لاءِ پورٽل تي اشتهار جاري ناهن ڪيا، اهي جنوري جي آخري هفتي تائين جاب پورٽل تي نوڪرين جا اشتهار جاري ڪن ته جيئن ڀرتين وارو عمل شفاف نموني مڪمل ڪري سگھجي. چيف سيڪرٽري چيو ته صوبائي ڪابينا جي اجلاس کي ڊجيٽلائيز ڪيو ويو آهي، هاڻي قانون، سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسشن، يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي جون سموريون سمريون ڊجيٽل فارميٽ ۾ اماڻيون وڃن، هن سمورن کاتن کي هدايت ڪئي ته سرڪاري ملازمن جي پينشن وارا ڪيس هڪ سال ۽ ميڊيڪل ري ايمبريسمينٽ جا ڪيس 6 مهينن اندر اُڪلايا وڃن.