سرڪاري نوڪرين جو ڌنڌلو ٿيندڙ امڪان ۽ بيروزگاري کان ڪاروبار تائين نئون رستو پروفيسر اختيار گهمرو

                 پاڪستان سميت سنڌ صوبي ۾ بيروزگاري هڪ تمام ڳنڀير بحران جي صورت ۾ موجود آهي، جنهن نوجوان نسل کي نه صرف ذهني پريشانيءَ ۾ مبتلا ڪيو آهي، پر اجتماعي سطح تي اسان جي سماج جي نفسيات، اميدن ۽ مستقبل تي به گهرو اثر ڇڏيو آهي. هزارين پڙهيل لکيل نوجوان پنهنجون زندگيون، سال، محنت، خواهشون ۽ اُميدون صرف ان خيال خاطر قربان ڪندا رهيا آهن ته شايد ڪنهن ڏينهن سندن قسمت جو در کڙڪندو ۽ کين ڪنهن سرڪاري کاتي يا ڪنهن بهتر خانگي شعبي ۾ نوڪري ملي ويندي. هي اميد معاشي مجبوريءَ، سماجي دٻاءَ ۽ گهريلو ضرورتن جو اهڙو ميلاپ آهي، جنهن نوجوانن کي ڊگهي انتظار، تڪليف ۽ غيريقينيءَ جو شڪار بڻائي ڇڏيو آهي. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته انهن مان ڪيترائي نوجوان، جيڪي سالن تائين مقابلي جي امتحانن، ٽيسٽن، انٽرويوز، سفارش جي ڪلچر ۽ غير منصفاڻين ڀرتين جي ور چڙهندا رهيا، آخرڪار عمر جي حد گذرڻ کان پوءِ نوڪرين جي اهل اميدوارن جي لسٽ مان ئي ٻاهر ٿي ويا. هن صورتحال انهن جي ذاتي زندگي ته تباهه ڪئي ئي آهي، پر سندن خاندان به مالي ۽ نفسياتي صدمو برداشٽ ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهن، ڇاڪاڻ ⁠⁠تہ اسان جي سماج ۾ گهڻي ڀاڱي روزگار جي اميد نوجوانن کان ئي لڳائي ويندي آهي.

نوجوانن جي همت ٽٽڻ، سندن اعتماد گهٽجڻ ۽ سماجي مايوسي وڌڻ، ڪنهن به رياست لاءِ خطرناڪ علامت آهي. رياست جو بنيادي ڪردار اهو ئي آهي ته اھا پنهنجي عوام لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪري، نوان در کولي، ۽ اهڙو ماحول فراهم ڪري، جنهن ۾ ماڻهو پاڻ به محنت ڪري پنهنجو مستقبل سنواري سگهن. پر افسوس جو اسان جي ملڪ ۾ اقتصادي پاليسيون نه ته حقيقي ضرورتن جي بنياد تي ٺاهيون ويون ۽ نه ئي مقامي معاشي ڍانچي کي نظر ۾ رکندي جوڙيل آھن. عالمي مالياتي ادارن جي دٻاءَ، قرضن جي شرطن، ۽ ٻاهرين ماڊلز جي بنا سوچي سمجهي نقل سبب اسان وٽ نه صنعتون وڌيون، نه زراعت ۾ سڌارا آيا، نه ڪاروباري ماحول ٺهيو ۽ نه ئي نوان روزگار پيدا ٿيا. ان جي ابتڙ، خانگائڻ جي نالي تي ڪيترن ئي ادارن کي ڪمزور ڪيو ويو، بند ڪيو ويو يا محدود ڪيو ويو، جنهن بيروزگاري کي وڌائي ڇڏيو. روزگار پيدا ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي، ڇاڪاڻ⁠⁠ تہ سرمائيداراڻي آزاد مارڪيٽ هر ڪنهن لاءِ ڪڏهن به برابر موقعا نه پيدا ڪندي آهي. بدقسمتيءَ سان اسان وٽ نه رياست روزگار ڏئي رهي آهي ۽ نه ئي اهڙو ماحول ٺهي رهيو آهي، جنهن سان نوجوان پاڻ روزگار پيدا ڪري سگهن. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪو سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ ڪارآمد رستو بچي ٿو، ته اهو نوجوانن جو روايتي نوڪريءَ جي انتظار مان نڪري پنهنجي ڪاروبار، يعني انٽرپرينيوئرشپ، طرف وڌڻ آهي.

دنيا جي جديد معيشت ثابت ڪيو آهي ته قومون روزگار وٺڻ سان نه پر روزگار پيدا ڪرڻ سان ترقي ڪن ٿيون. پنهنجو ڪاروبار نه صرف معاشي خودمختياري ڏئي ٿو، پر اهو نوجوانن جي عزت نفس، خود اعتمادي ۽ سماجي سڃاڻپ ۾ به اضافو ڪري ٿو. انٽرپرينيوئرشپ ذريعي نوجوان نه صرف پاڻ معاشي لحاظ کان مضبوط ٿين ٿا، پر ٻين لاءِ به روزگار جا در کولي سگهن ٿا. جيڪڏهن ننڍي سطح تان به ڪا شروعات ڪئي وڃي، زراعت ۾ جدت، لائيو اسٽاڪ، آن لائين ڪم، اي-ڪامرس، دستڪاري، فوڊ پراسيسنگ، يا ننڍا صنعتي يونٽ ـ ته اهو مستقبل ۾ وڏي ترقيءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

انٽرپرينيوئرشپ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته هن سائنٽيفڪ اصطلاح کي سڀ کان پهرين 18هين صديءَ ۾ مشهور فرانسيسي معيشتدان رچرڊ ڪانٽيلون تعريف ڏني، جنهن انٽرپرينيوئر کي `اهو شخص قرار ڏنو جيڪو خطرا کڻي قدر پيدا ڪري ٿو `.  پوءِ آسٽريا اسڪول جي ماهر جوزف شومپيٽر هن تصور ۾ انقلاب آندو، جنهن مطابق انٽرپرينيوئر معاشي نظام ۾ جدت آڻي ٿو، تخليقي جدت ذريعي پراڻن نظامن کي ٽوڙي نيون واٽون کوليندو آهي. پيٽر ڊرڪر مطابق، انٽرپرينيوئر اهو شخص آهي، جيڪو تبديليءَ ۾ موقعو ڏسي سگهي. جديد تحقيق ثابت ڪري ٿي ته انٽرپرينيوئرشپ رڳو ڪاروبار جو عمل نه آهي، پر اها سماج کي متحرڪ ڪرڻ، معيشت کي وسيع ڪرڻ ۽ روزگار پيدا ڪرڻ جو سڀ کان تيز ۽ مضبوط رستو آهي.

ترقي يافته ملڪن جي ڪاميابيءَ تي نظر وجهون ته آمريڪا ۾ سليڪان ويلي جي دنيا بدلائيندڙ اسٽارٽ اپس هجن، يا چين جي “ماس انٽرپرينيوئرشپ”، پاليسي، يا سنگاپور جي “انٽرپرائيز ايس جي پروگرام” يا ڏکڻ ڪوريا جي “ڪائيبول رفارمس”ـ انهن سڀني مثالن ۾ هڪ ڳالھ عام آهي: حڪومتن نوجوانن کي سهڪار، ماحول، سرمايو ۽ موقعا فراهم ڪيا. نتيجي ۾ اربين ڊالرن جون صنعتون وجود ۾ آيون ۽ انهن ملڪن ۾ بيروزگاري تاريخي طور گهٽ ٿي.

پاڪستان ۾ گذريل ڪجهه سالن جي عرصي دوران  ڪجهه قدم کنيا ويا آهن، پر اهي ناڪافي آهن، جيئن “سميڊا”، “اگنائيٽ”، “يوٿ لون اسڪيم”، ۽ “نيشنل انڪيوبيشن سينٽرس” يقيناً سٺا قدم آهن، پر انهن جي پهچ محدود آهي.

سنڌ ۾ به انٽرپرينيوئرشپ کي وڌائڻ لاءِ پروگرام شروع ٿيا آهن. جهڙوڪ انڪيوبيشن سينٽر، بزنس هب، ٽيڪنيڪل ٽريننگ (ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ انڪيوبيشن سينٽر آءِ بي اي سکر، سنڌ يونيورسٽي، ايس ايم بي بي يونيورسٽي ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ بزنس هب) ٻهراڙيءَ ۾ عورتن لاءِ ڪواپريٽو بيسڊ انٽرپرينيوئرشپ پروگرام، پر اهي به سنڌ جي آبادي جي لحاظ کان تمام گهڻو گھٽ آهن. ٻهراڙي ۾ نوجوانن کي ڪاروباري تربيت به نٿي ملي ۽ مارڪيٽن تائين پهچ به نه هئڻ سبب سندن ڪاروباري خيال اڪثر خواب بڻجي رهجي وڃن ٿا. انهن منصوبن ڪيترن نوجوانن کي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ سيڊ مني، تربيت ۽ مشورو ڏنو. پر سوال اهو آهي ته ڇا اهي منصوبا عملي طور نوجوانن تائين پهتا؟ بدقسمتي سان ان جي رفتار محدود ۽ اثر گهٽ رهيو آهي.

سنڌ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌي ماڻهو ڪاروبار ۾ مهارت رکندا آيا آهن. موهن جي دڙي کان وٺي ٺٽي ۽ شڪارپور تائين واپار هتي جي تهذيب جو اهم حصو رهيو آهي. پر 1947ع کان پوءِ واپاري ڍانچو تباهه ٿيڻ، بدانتظامي، امن امان جي خراب صورتحال، ڌاڙا، ڀتو، سياسي جڪڙ ۽ تربيت جي کوٽ سنڌ کي ڪاروبار کان پري ڪري ڇڏيو. نتيجي ۾ سرڪاري نوڪريءَ کي واحد عزت وارو روزگار سمجهيو ويو، جنهن سماج کي محدود سوچ ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي.

سرڪاري نوڪريءَ کي اوليت ڏيڻ جا به سماجي ۽ معاشي سبب آهن. جاب سيڪيورٽي (ھينئر ڪانٽريڪٽ تي نوڪريون ملڻ ڪري اھو آسرو به ڪمزور ٿيو آهي)، پينشن (جيڪا ھينئر ڪنٽريبيوٽري ڪئي وئي آهي)، سماجي عزت، گهٽ دٻاءُ، ۽ سروس رولز جو تحفظ. اهي سڀ عنصر نوجوانن کي سرڪاري نوڪريءَ ڏانهن ڇڪين ٿا. پر سوال اهو آهي ته جڏهن نوڪريون آهن ئي محدود، سفارش ۽ رشوت عام آهي، ۽ عمر جي حدن جا مسئلا موجود آهن، ته پوءِ اسان نوجوان نسل کي سرڪاري نوڪريءَ جي آسري تي ڇو قيد ڪري رکون؟ يا اھي ان جي آسري پنھنجا قيمتي سال ۽ اميدون ڇو ضايع ڪن.

تاريخي طور سنڌ هزارين سالن کان ڪاروبار جي ڌرتي رهي آهي. موهن جي دڙي جي مهرن کان وٺي عرب دور جي بندرن ۽ شڪارپور جي واپارين تائين سنڌي ماڻهن جو پنهنجو ڪاروباري مزاج هو. پوءِ ڇا ٿيو؟ سنڌ ۾ نوجوان ڪاروبار کان ڇو ڊڄن ٿا؟

تحقيقن موجب سنڌ ۾ انٽرپرينيوئرشپ کي هٿي ڏيڻ لاءِ ضروري قدمن کڻڻ جي ضرورت آهي. جنھن ۾ امن امان جي بحالي، (ڇوته ھينئر اگر ڪير دڪان به کولي ٿو ته ان کي ٻئي ڏينھن ڀتي لاءِ ڌمڪيون پرچين توڙي فونن جي صورت ۾ پھچن ٿيون. ٻھراڙين ۾ پوک ڪندڙ يا باغن جي ٺيڪيدارن کان به منٿليون وصول ڪيون وڃن ٿيون ۽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ سندن فصل، جن ۾ انبن جا وڻ، ڪيلن جا باغ، کجين جا وڻ ڪٽڻ توڙي ڪڻڪ جا فصل ۽ باردانا ساڙيا وڃن ٿا). نوجوانن لاءِ گهٽ وياج يا بنا وياج قرض، (ھينئر بئنڪن پاران تمام وڏي وياج جي شرح تي قرض ڏنا وڃن ٿا. ان کان علاوه سخت شرط به لاڳو ھجن ٿا). مارڪيٽن تائين رسائي. ٽيڪنيڪل ۽ ڊجيٽل مهارتون. يونيورسٽين ۾ عملي ڪاروباري تربيت. عورتن لاءِ الڳ منصوبا. اسٽارٽ اپ انڪيوبيٽر سينٽرن (ھي سينٽر شاگردن پاران جوڙيل ترتيب ڏنل نون خيالن کي پروان چاڙهڻ لاءِ تربيت، توڙي سھڪار مھيا ڪرڻ لاءِ جوڙيل آھن) کي مضبوط ڪرڻ، خاص طور زراعت، لائيو اسٽاڪ، هينڊي ڪرافٽ، فشريز، فوڊ پراسيسنگ ۽ ڊجيٽل سروسز نوجوانن لاءِ وڏا در کولن ٿيون.

جيڪڏهن نوجوان ئي ڪمزور ٿين، بي روزگار رهن، مايوس ٿين، ته ملڪ ڪهڙي ريت ترقي ڪندو؟ ڇا حڪومتن کي اهو احساس آهي ته هر بيروزگار نوجوان صرف فرد نه، پر پوري خاندان جي معيشت جو سهارو هوندو آهي؟ جيڪڏهن پاليسيون نااهل ماڻهن جي هٿ ۾ رهيون، ته پوءِ نه فقط بيروزگاري وڌندي، پر معاشرو به بدحاليءَ ۾ ڌڪجندو ويندو.

نوجوانن کي گهرجي ته سرڪاري نوڪري کي واحد مقصد نه بڻائين، بلڪه مهارتن، ٽيڪنالاجي، ڪاروبار ۽ آن لائين ڪم جي طرف وڌن. يونيورسٽيون پنهنجي نصاب ۾ عملي انٽرپرينيوئرشپ ٽريننگ شامل ڪن، جتي شاگردن کي حقيقتي مارڪيٽ جي مسئلن تي ڪم ڪرايو وڃي. حڪومت کي گهرجي ته بنا وياج يا گهٽ وياج تي نوجوانن لاءِ ڪاروباري قرض آسان بڻائي. سنڌ ۾ سکيا ڊولپمينٽ سينٽر وڌايا وڃن، جتي نوجوانن کي، آئي ٽي، زراعت، فوڊ پراسيسنگ، هينڊي ڪرافٽ ۽ فنانس جون مهارتون سيکاريون وڃن. مارڪيٽن تائين رسائي لاءِ آن لائين پليٽ فارمز، ڊجيٽل مارڪيٽنگ ۽ اي-ڪامرس سکيا کي لازمي ڪيو وڃي. عورتن لاءِ الڳ انٽرپرينيوئرشپ پروگرام هلائي انهن کي سرمايو، تربيت ۽ سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي.

امن امان بهتر ڪرڻ بنا ڪا به معاشي پاليسي ڪامياب نٿي ٿي سگهي، تنهن ڪري رياست کي قانون لاڳو ڪندڙ. ادارن کي بااختيار ڪرڻو پوندو. نوجوانن کي ذهن بدلڻو پوندو ته نوڪري عزت جو واحد ذريعو ناهي. ان کان به وڌيڪ اھم ته نوڪري آسري عمر گذري وڃي ٿي ۽ خواب بنا ساڀيان جي رھجي وڃن ٿا. جديد دور ۾ عزت، خودمختياري ۽ ترقي، سڀ ڪجهه پنهنجي محنت، ڪاروبار ۽ مهارت سان ممڪن آهي.

حڪومت کي پنهنجي ذميواريءَ کان منهن نه موڙڻ گهرجي. نوجوانن لاءِ سازگار ماحول، تحفظ، قرض، سهولتون ۽ تربيت مهيا ڪرڻ رياست جو فرض آهي. جيڪڏهن حڪومت پنهنجو ڪردار نڀائي، تعليمي ادارا عملي مهارتون ڏين، نجي شعبو سهڪار ڪري ۽ نوجوان پنهنجي سوچ بدلائين، ته سنڌ نه صرف بيروزگاري گهٽائي سگهي ٿي، پر ملڪ جي اقتصادي انجڻ جي حيثيت سان به اڀري سگهي ٿي. وقت اچي ويو آهي ته نوجوان انتظار ۾ سال ضايع ڪرڻ بدران، نوان رستا چونڊين ۽ پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪن، ڪاروبار، جدت ۽ محنت اسان جي نئين نسل لاءِ واپسي جو واحد رستو آهن۔