سرڪاري وڪيل جو ڪارونجهر ڪيس وڙهڻ کان انڪار، وڪالت نامو واپس، اڄ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ

  سرڪاري وڪيل جو ڪارونجهر ڪيس وڙهڻ کان انڪار، وڪالت نامو واپس، اڄ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ

ڪراچي / مٺي (رپورٽ: ممتاز نهڙيو/عرفان شاهه) سنڌ سرڪار جي وڪيل صلاح الدين احمد ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي وارو ڪيس عدالت ۾ وڙھڻ کان انڪار ڇڏيو، ٿر بار ايسوسئيشن پاران اڄ عدالتي ڪارواين جي بائيڪاٽ ۽ شنوائي واري ڏينهن ڪراچي هاءِ ڪورٽ کان وزير اعلي هائوس تائين احتجاجي ريلي ڪڍڻ جو اعلان۔ ان ڏس ۾ سنڌ سرڪار جي ڪارونجهر ڪيس جي نظرثاني لاءِ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪرائيندڙ وڪيل قانوندان صلاح الدين احمد  ڄاڻايل ڪيس وڙھڻ کان انڪار ڪندي وڪالت نامون واپس وٺي ڇڏيو آھي ۽ سنڌ سرڪار جي لاڳاپيل کاتن کي لکت ۾ چيو آھي ته آئون ڪارونجهر ڪٽائي وارو ڪيس نٿو وڙھڻ چاهيان ۽ ورتل فيس واپس ڪرڻ لاءِ تيار آھيان ان جو طريقي ڪار ٻڌايو وڃي ته جيئن  مليل فيس واري رقم واپس ڪريان۔  هن واضع ڪيو آھي ته سنڌ سرڪار پنهنجي ڪيس لاءِ متبادل وڪيل ڪرڻ جو بندوبست ڪري۔  واضع رهي ته سنڌ سرڪار ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي روڪڻ لاء سنڌ هاء ڪورٽ جي ڏنل فيصلي کي قانوندان صلاح الدين احمد معرفت سپريم ڪورٽ ۾ چينلينج ڪيو هو۔ ڪارونجهر وارو ڪيس  سپريم ڪورٽ مان وفاقي آئيني عدالت ڏانهن منتقل ڪري 26 نومبر تي ڌرين کي طلب ڪرڻ جا نوٽيس ڪيا ويا هئا۔ معلوم ٿيو آھي ته  ڄاڻايل ڪيس جا پٽيشنر ايڊووڪيٽ فقير منور ساگر ۽ شنڪر لال ٿر بار ايسوسئيشن جا ميمبر ۽ وڪيل آھن  ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف مختلف وڪيل اڳواڻن ۽ مختلف بار ايسوسيشنز جي ڌر بڻجي وڃڻ بعد سنڌ سرڪار جي وڪيل ڄاڻايل ڪيس وڙھڻ کان انڪار ڪيو ۔ٿرپارڪر بار ايسوسئيشن پاران ڪارونجهر جي ڪٽائي روڪڻ لاء  سنڌ هاء ڪورٽ جي فيصلي کي آئيني عدالت ۾ چيلينج ڪرڻ واري سنڌ حڪومت جي عمل خلاف اڄ اڱاري ڏينهن  ضلعي اندر عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ۽ شنوائي واري ڏينهن 26 نومبر تي ڪراچي وزير اعلي هائوس آڏو احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آھي ۽ عدالتي ڪاررواين جي اڄوڪي بائيڪاٽ بابت قرارداد منظور ڪئي وئي آھي ٿرپارڪر بار ايسوسئيشن جي صدر ايڊووڪيٽ موهن لال منٺاراڻي۔ جنرل سيڪريٽري ڪنور امر۔ نائب صدر ظھير الدين نهڙيو ۔ فقير منور ساگر ۽ ٻين ڄاڻايل قرارداد ۽ جاري ڪيل الڳ  الڳ بيانن ۾ چيو آھي ته ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي بابت سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ سرڪار جي داخل ڪيل نظرثاني اپيل خلاف ٿر بار ايسوسيئيشن طرفان سڀاڻي عدالتي ڪارواين جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو ويندو۔ سنڌ هاء ڪورٽ ڪارونجهر جبل کي قومي ورثو قرار ڏيڻ، ڪٽائي روڪڻ بابت ڏنل فيصلي کي سنڌ سرڪار سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو  هو جيڪو ڪيس وفاقي آئيني عدالت ڏانهن منتقل ٿيو آھي۔ جنهن خلاف ٿرپارڪر بار ايسوسيئيشن يڪراء قرارداد منظور ڪئي وئي آھي۔ اسان احتجاج ذريعي سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪنداسين ته  هاء ڪورٽ جي ڪارونجهر جي ڪٽائي روڪڻ واري فيصلي خلاف داخل ڪرايل نظرثاني اپيل واپس ورتي وڃي ۽  ڪارونجهر جي ڪٽائي کان پاسو ڪيو وڃي هنن چيو ته ڪارونجهر جي ڪٽائي ھميشه بند ڪرائڻ لاء عدالتن کان ورندي هر انتظامي ۽ عوامي فورم تي ڀرپور آواز اٿاريو ويندو ۽ ڪارونجهر سنڌ جو قومي۔ ثقافتي۔  قديمي ورثو آھي جنهن کي صرف پٿر جو ٽڪرو سمجهي نيلام ڪندڙن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين۔ ڪارونجهر فطرت جي حسين اهڃاڻ سان گڏ مذهبي ۽ ثقافي قومي ورثو آهي جنهن جي ڪٽائي منظور ناهي.