| سرڪاري کاتن ۾ نوڪريون نه ڏيڻ خلاف درخواست تي حڪومتي جواب جمع |
سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر صوبائي سرڪاري کاتن ۾ گريڊ هڪ کان چار تائين نوڪريون نه ملڻ خلاف داخل درخواستن تي گڏيل ٻڌڻي ڪئي، کاتن جي لاڳاپيل آفيسرن طرفان جواب داخل ڪرايا ويا، ٻڌڻي 17 ڊسمبر تائين ملتوي، خبرموجب سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ جسٽس ذوالفقار علي سانگي ۽ جسٽس عبدالحامد ڀرڳڙي تي مشتمل آئيني بئنچ گريڊ هڪ کان چار تائين مختلف صوبائي سرڪاري کاتن ۾ نوڪريون نه ملڻ خلاف داخل ڪرايل درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، ان دوران سمورن سرڪاري کاتن جي لاڳاپيل آفيسرن طرفان جواب داخل ڪرايا ويا، جنهن کانپوءِ درخواستگذارن جي وڪيلن عدالت ۾ ڳالهائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ گريڊ هڪ کان چار تائين جي نوڪرين ڏيڻ لاءِ درخواستون سنڌ هاءِ ڪورٽ کي واپس ڪندي ٻن مهينن اندر ڪيس اڪلائڻ جو حڪم ڏنو هو، درخواستگذارن جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت ٻڌڻي 17 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.