سرڪاري ڪڻڪ مالِ غنيمت؟ 6 عملدارن تي پوڻا 3 ارب جي ڪڻڪ غائب ڪرڻ ثابت، برطرف

سرڪاري ڪڻڪ مالِ غنيمت؟ 6 عملدارن تي پوڻا 3 ارب جي ڪڻڪ غائب ڪرڻ ثابت، برطرف

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ سرڪاري ڪڻڪ مالِ غنيمت، خوراڪ کاتي جي رڳو 6 عملدارن تي 2 ارب 65 ڪروڙ رپين جي ڪڻڪ غائب ڪرڻ جو الزام ثابت، 6 ئي عملدارن کي نوڪرين مان برطرف ڪيو ويو، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته خوراڪ کاتي جي اختيارين پاران ڏوڪري، باقراڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ سميت ٻين شهرن ۾ 2 ارب 65 ڪروڙ رپين جي ڪڻڪ غائب ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. جڏهن ته اربين رپين جي ڪڻڪ غائب ڪرڻ جو الزام ثابت ٿيڻ کان پوءِ ملوث عملدارن خلاف ڪاروائي ڪندي کين نوڪرين مان برطرف ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان خوراڪ کاتي جي اختيارين پاران صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان جي هدايتن کان پوءِ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ته پي آر سي باقراڻي جي انچارج فوڊ سپروائيزر محمد شريف ڀٽو کي هڪ ارب 12 ڪروڙ 31 لک رپين جي ڪرپشن ثابت ٿيڻ تي نوڪريءَ مان برطرف ڪيو ويو، قمبر- شهدادڪوٽ جي ڊبليو پي سي 97 ڦل مان 469 ۽ ڊبليو پي سي علي شير گوپانگ مان 4 هزار 940،  ٻوريون غائب ٿيڻ  جو الزام ثابت ٿيڻ تي فوڊ انسپيڪٽر نصيب الله بروهي کي نوڪري مان برطرف ڪيو ويو ويو، فوڊ انسپيڪٽر نصيب الله بروهيءَ کان 9 ڪروڙ 88 لک رپيا واپس ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي. قمبر-شهدادڪوٽ ضلعي جي فوڊ انسپيڪٽر بشير مگسي تي 38 ڪروڙ 21 لک رپين جي ڪرپشن ثابت ٿيڻ تي کيس نوڪريءَ مان برطرف ڪيو ويو آهي. سندس مٿان ڊبليو پي سي کبڙ مان 20 هزار 908 ٻوريون غائب ڪرڻ جو الزام ثابت ٿيو آهي. قمبر شهدادڪوٽ ۾61 ڪروڙ 75 لک رپين جي ڪرپشن ثابت ٿيڻ تي فوڊ انسپيڪٽر خالد مگسي کي نوڪري مان برطرف ڪيو ويو آهي. سندس مٿان ڊبليو پي سي ڪچي پل مان 33 هزار 791 ٻوريون گم ڪرڻ جو الزام ثابت ڪيو ويو آهي. ڏوڪري ۾42 ڪروڙ 28 لک رپين جي ڪرپشن ثابت ٿيڻ تي فوڊ انسپيڪٽر ممتاز جتوئي کي نوڪري مان برطرف ڪيو ويو. سندس مٿان 39 هزار 484 ٻاچڪا گم ڪرڻ جو الزام ثابت ڪيو ويو آهي.
 

برطرف آفيسرن کان رقم اوڳاڙڻ ۽ ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي: ڪڻڪ غائب ڪري سرڪار کي اربين رپين جو نقصان ڏيڻ بعد برطرف عملدارن کان سموري رقم واپس ڪرائڻ جون هدايتون جاري، سندن مٿان ڪيس داخل ڪرائڻ جو فيصلو، ان حوالي سان خوراڪ واري وزير مخدوم محبوب الزمان پاران خوراڪ کاتي جي اختيارين کي هدايتون ڪيون ويون آهن ته 2 ارب 65 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ ماليت جي ڪڻڪ غائب ڪندڙ ڄاڻايل عملدارن کان سموري رقم واپس ڪرائي وڃي.  ان حوالي سان خوراڪ کاتي جي صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان چيو آهي ته آفيسرن کي بدعنواني، غبن ۽ ڪڻڪ جي اسٽاڪ ۾ کوٽ جي سنگين الزامن تحت نوڪري مان ڪڍيو ويو آهي، ڪرپٽ عنصرن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو ۽ سرڪاري خزاني کي ٿيل نقصان جي به وصولي ڪئي ويندي.
 

ڪيترن ئي ذخيرن بابت جاچ پڙتال جاري، وڌيڪ ڪرپشن پڌري ٿيڻ جو امڪان
 

ڪراچي: خوراڪ کاتي پاران فزيڪل ويريفڪيشن ڪرائڻ وارو عمل هلندڙ، ڪيترن ئي ضلعن ۾ اڃا وڌيڪ ڪڻڪ غبن اسڪينڊل ۾ عملدارن خلاف ڪاروايون ٿيڻ جو امڪان آهي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته خوراڪ کاتي ۾ سالن کان وٺي ڪڻڪ ذخيري جي فزيڪل ويريفڪيشن نه ٿيڻ کان پوءِ تازو شروع ٿيل فزيڪل ويريفڪيشن دوران ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون اچي رهيا آهن. ان حوالي سان امڪان آهي ته فزيڪل ويريفڪيشن دوران اڃا وڌيڪ اربين رپين جي ڪڻڪ گم هجڻ جو معاملو سامهون ايندو.
 

مختلف ضلعن ۾ درجنين عملدارن مٿان انڪوائريون هلندڙ
 

ڪراچي: شڪارپور، سکر، خيرپور، گھوٽڪي، بدين، ٺٽو، سجاول، خيرپور، نوشهروفيروز، لاڙڪاڻو، دادو، ڄامشورو سميت مختلف ضلعن ۾ ڪڻڪ ذخيري ۾ کوٽ سبب درجنين عملدارن مٿان انڪوائريون هلندڙ آهن. ان حوالي سان معلوم ٿيو آهي ته سال 2017ع کان وٺـي هن وقت تائين سرڪاري گودامن ۾ ذخيرو پيل اربين روپين جي ڪڻڪ غائب ٿيڻ وارا اسڪينڊل سامهون ايندا رهيا آهن. تازو خوراڪ کاتي پاران ڪيترن ئي ضلعن جا ڊي ايف سيز پڻ تبديل ڪيا ويا هئا.