ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي نوَن چونڊيل چيئرمينن لاءِ سرڪاري گاڏيون خواب بڻيل، سياستدانن، صوبائي سيڪريٽرين ۽ مڪاني ادارن جي غير واسطيدار آفيسرن 154 سرڪاري گاڏيون واپس نه ڪيون، لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي اختيارين پاران ڊپٽي ڪمشنرن کي مڪاني ادارن جون گاڏيون واپس ڪرائڻ جي هدايت، سرڪاري گاڏيون واپس ڪرائڻ جو هدايت نامو جاري ڪندڙ ڊائريڪٽر عهدو وڃائي ويٺو، پ پ ايم پي اي جو ڀاءُ ڊائريڪٽر 3 مقرر ٿي ويو
ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ ۾ مڪاني چونڊ کٽي آيل ضلعي، ميونسپل ۽ ٽائون چيئرمين 15 جون تي حلف کڻڻ باوجود سرڪاري گاڏين کان محروم بڻيل آهن
لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي اختيارين مڪاني ادارن جو 154 سرڪاري گاڏيون غيرواسطيدار آفيسرن ۽ سياستدانن جي قبضي ۾ هجڻ جو اعتراف ڪيو ويو آهي، ان باوجود سرڪاري گاڏيون واپس ناهن ٿيون، ذريعن جو چوڻ آهي ته خط لکڻ بعد 154 مان رڳو 3 کان سرڪاري گاڏيون واپس ٿي سگھيون آهن
ٻئي طرف صوبائي سيڪريٽرين، ايم پي ايز ۽ غير واسطيدار ماڻهن کان 154 مهانگيون سرڪاري گاڏيون واپس ڪرائڻ لاءِ خط لکي 48 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏيندڙ مڪاني کاتي جي ڊائريڪٽر 3 امجد پٺاڻ کي هٽائي پ پ ايم پي اي امداد پتافي جي ڀاءُ ۽ 17هين گريڊ جي آفيسر امجد پتافي کي ڊائريڪٽر 3 مقرر ڪيو ويو آهي
واضح رهي ته صوبائي سيڪريٽرين بدر جميل منڌرو ۽ خالد چاچڙ،اڳوڻي سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز، 2 ايم پي ايز ڪلثوم چانڊيو ۽ سليم بلوچ سميت 154 آفيسرن، سياستدانن ۽ ننڍن ملازمن وٽ لوڪل ڪائونسلن جون گاڏيون استعمال هيٺ آهن
ٻئي طرف لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي اختيارين جو چوڻ آهي ته سرڪاري گاڏيون ڌڙا ڌڙا واپس اچي رهيون آهن، ڪجهه ڏينهن ۾ سموريون گاڏيون غيرواسطيدار ماڻهن کان واپس ڪرايون وينديون
هوڏانهن ڪالهه لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي اختيارين پرڳڻي جي 30 ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي خط لکي هدايت ڪئي آهي ته مڪاني ادارن جي چيئرمينن جون گاڏيون واپس ڪرايون وڃن
60 يوسي سيڪريٽرين جي مقرري رد: 2 آفيسر هٽايا ويا
لوڪل گورنمينٽ جي ايڊمنسٽريٽو آفيسر پاران 60 کان وڌيڪ يوسي سيڪريٽرين جون اختيارين جي اجازت بنا مقرريون ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي
ان ڏس ۾ ميرپورخاص، سکر، لاڙڪاڻو ۽ شهيد بينظيرآباد ڊويزنن ۾ 60 کان وڌيڪ يوسي سيڪريٽرين جون مقرريون ڪرڻ تي لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي ايڊمنسٽريٽو آفيسر جھامن داس ۽ ايڊمن برانچ جي سينيئر ڪمپيوٽر آپريٽر عاصم شهزاد کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جڏهن ته لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي سيڪريٽري پاران ايڊمنسٽريٽو آفيسر جي ڪيل مقررين وارين آرڊرن کي پڻ رد ڪيو ويو
ٺٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر طارق ٻگھيو وٽ احمد پور ٽائون جي گاڏي موجود !!
مڪاني کاتي ٺٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر طارق ٻگھيو حوالي ٿيل احمد پور ٽائون ڪاميٽي جي سرڪاري گاڏي جي ايس ڊي 705 سندس ذاتي استعمال هيٺ اچي رهي آهي