| سرڪار جي غلط پاليسين سبب ننڍا آبادگار تڪليف جو شڪار آهن: پير پاڳارو |
ٺڪراٺو/صالح پٽ (نمائندن وٽان) حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري ٺڪراٺو ڀرسان ڳوٺ احمدو فقير راڄڙ ڪلرو پڪي ۾ دعوت تي رات ترسڻ بعد سفر جي ٽئين ڏينھن به مريدن ۽ عقيدتمندن کي ديدار ڪرايو، خطاب ڪندي پيرپاڳاري چيو ته پنھنجي ٻارڙن کي تعليم ڏيو، خاص ڪري نياڻيون پڙھايو، پنھنجي اولاد کي بري صحبت کان بچايو، بري صحبت وارو ماڻھو پنھنجي ماءُ پيءُ توڙي پاڙي لاءِ به تڪليف آھي، سرڪار جي غلط پاليسين سبب ننڍا ننڍا زميندار تڪليف جو شڪار آهن، جن وٽ چوپايو مال آھي انھن جو بچاءُ آھي، موسم جي تبديلين سبب زراعت ڪو فائدو نٿي ڏئي، وڌ کان وڌ چوپايومال ڌاريو، درود پاڪ جو ورد ڪيو وڃي، ٻي طرف صالح پٽ جي ڳوٺ کاھي ۾ فقير رسول بخش راڄڙ جي مانجھاندي جي دعوت تي پير پاڳارو پهتو، جتي پيرپاڳاري مريدن ۽ عقيدتمندن کي ديدار ڪرايو ۽ دعا پڻ گھري.