سرڪار کي ڪڻڪ ڏيندڙ آبادگارن کي ڊي اي پي تي سبسڊي جو فيصلو   

سرڪار کي ڪڻڪ ڏيندڙ آبادگارن کي ڊي اي پي تي سبسڊي جو فيصلو   

ڪراچي: ڪابينا پهرين آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ ربيع مند کان اڳ ڪڻڪ جي آبادگارن کي ڊي اي پي ڀاڻ تي سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو، اجلاس ۾ ڄاڻايو ويو ته خوراڪ کاتي کي ڪڻڪ وڪرو ڪندڙ  آبادگارن کي اها سبسڊي ملندي، ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ڊي اي پي ٻوري جي قيمت اٽڪل 17,904 رپيا طئه ڪئي وئي آهي، وفاقي حڪومت پاران 3,500 رپيا في ٻوري سبسڊي تجويز ڪئي وئي هئي، جيڪا ڪل قيمت جي لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو جي برابر آهي، ڪابينا فيصلو ڪيو ته جن هارين خوراڪ کاتي کي ڪڻڪ وڪرو ڪئي هئي، تن کي اضافي سبسڊي ڏني ويندي، جڏهن ته ٻين اهل ننڍن آبادگارن کي پڻ هن امدادي پروگرام ۾ شامل ڪيو ويندو ڪابينا سنڌ هاري مدد پروگرام جي تحت نئين رجسٽريشن کولڻ ۽ اڳ ۾ ئي موجود آبادگارن جي ٻيهر تصديق جي به منظوري ڏني، زراعت کاتي ڪابينا کي آگاهه ڪيو ته گذريل سال 333,127 آبادگارن کي 27.336 ارب رپين جي ڊي اي پي سبسڊي ۽  314,317 آبادگارن کي 14.428 ارب رپين جي يوريا سبسڊي فراهم ڪئي وئي،ا نهي پروگرام جي نتيجي ۾ 2025ع-26ع دوران ڪڻڪ جي پوکائي 3.086 ملين مان وڌي 3.880 ملين ايڪڙ ۽ پيداوار 3.543 مان وڌي 4.913 ملين ٽن ٿي وئي، ڪابينا ڪڻڪ جي ايندڙ فصل لاءِ گهٽ ۾ گهٽ امدادي قيمت مقرر ڪرڻ بابت تجويزن جو به جائزو وٺي هدايت ڪئي ته ذيلي ڪاميٽي جون سفارشون ايندڙ ڪابينا اجلاس ۾ پيش ڪيون وڃن.