| سرگوڌا ۾ وارڊ بواءِ مريض جو آپريشن ڪري ويو |
سرگوڌا (م ڊ) سرگوڌا ٽيچنگ اسپتال ۾ وارڊ بواءِ آپريشن ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا. اسپتال جي هڪ وڊيو سامهون آئي آهي جنهن ۾ هڪ غير تربيت يافته ملازم آپريشن کانپوءِ مريض جي سلائي ڪندي نظر اچي رهيو آهي. اسپتال جي ذريعن موجب وارڊبواءِ سرجن جي جاءِ تي آپريشن ڪندو رهيو، پرنسپل ڊاڪٽر فيصل مسعود ٽيچنگ اسپتال جو موقف آهي ته ملازم انچارج سرجن جي هدايتن تي عمل ڪيو. هن صرف مريض کي ڪپڙا پائڻ ۽ وارڊ ۾ منتقل ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. انڪوائري رپورٽ ۾ به تضاد آهي هڪ طرف دعويٰ ڪئي وئي ته الزام ثابت نه ٿيو ٻئي طرف ان وارڊ سرونٽ خلاف پي اي ڊي ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي. ان اهو سوال به اٿاريو ته آپريشن ٿيٽر ۾ تصويرون ڪنهن ڪڍيون؟ رپورٽ موجب وارڊ سرونٽ صرف ڊريسنگ ڪري رهيو هو، جڏهن ته، نگراني ۾ غفلت تي سينئر ڊاڪٽرن کي وارننگ ڏني وئي ۽ وارڊ سرونٽ خلاف ڪارروائي جي پڻ سفارش ڪئي وئي آهي.