| سرھاري: پلاٽ تان جھيڙو: انڌاڌنڌ فائرنگ: ڳڀرو نوجوان قتل: ڌرين ۾ ڇڪتاڻ |
سرھاري (رپورٽ: عثمان ملاح) سرھاري ويجھو پلاٽ تان جھيڙو: فائرنگ: نوجوان قتل: ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، ان ڏس ۾ ڳوٺ غلام شاھه ٽالپر ۾ ٽالپر برادري جي ٻن ڌرين ۾ پلاٽ جي مالڪي تان جھيڙو ٿي پيو، ڌرين جي فائرنگ ۾ 25 سالن جي عطا محمد ٽالپر دم ڏنو، هوڏانهن مقتول جي چاچي سبحان ٽالپر جي فرياد تي 6 ڄڻن نورل ٽالپر، محمد بخش ٽالپر، محمد ايوب ٽالپر، محمد حنيف ٽالپر، امام بخش ۽ مقبول ٽالپر مٿان قتل ڪيس داخل ڪرايو ويو هو، ٻئي طرف مقتول جي چاچي سبحان ٽالپر پھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته نورل ٽالپر ۽ محمد بخش ٽالپر وارا اوطاق تي قبضو ڪري ويٺل آھن، اسان کانئن اوطاق گھرندا رھياسين‚ انهن سان ٻانھن جو پڻ مسئلو پڻ ھو، جيڪا ھو زبردستي پرڻائي ويا‚ ھن چيو ته گذريل ڏينھن مخالفن ممھنجي معصوم نينگر مٿان تشدد ڪري سندس ٻانھن پڻ ڀڃي ڇڏي، جنھن جي سرھاري ٿاڻي تي اين سي داخل آھي، هن چيو ته اسان زمين تي موجود ھئاسين، مخالف سڌي فائرنگ ڪري ڀائٽي عطا محمد ٽالپر کي قتل ڪري فرار ٿي ويا‚ ھن چيو ته پوليس بر وقت ڪارروايون ڪري ها ته ايڏو وڏو نقصان نه ٿئي ھا